حيدرآباد/مانجهند (نمائندن وٽان)  مانجهند ڀرسان ڪوهيڙي سبب ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر جيالي سميت 2 ڄڻا فوت 30 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل. مانجهند ڀرسان الامين هوٽل انڊس هاءِ وي تي  ڪراچي کان لاڙڪاڻو ۽ لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ   ٻن ڪوچن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ شھيد بينظر ڀٽو جي ورسي تان واپس ٿيندڙ ڪوچ سوار پ پ ڪارڪن ڪراچي واسي 50 سالن جو مولا بخش خاصخيلي ۽ ڪوچ ڊرائيور 48 سالن جو  محمد رمضان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏھن ته ٻنهي ڪوچن ۾ سوار 30 کان وڌيڪ  ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ پ پ ڪارڪنن ۾ نويد احمد، بلاول، لال محمد، وسيم خاصخيلي، عرفان، اڪرم، حميد ڪاشف ۽ ٻيا شامل آھن  لاڙڪاڻو ويندڙ ڪوچ ۾ سوار زخمي مسافرن ۾ حبيب الله، راحب، عنايت الله ۽ ٻيا شامل آھن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پوليس تعلقي اسپتال مانجهند منتقل ڪيو، جتي ايمبولنس جي کوٽ سبب نجي گاڏين ذريعي سمورن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. مانجهند پوليس ٻنهي تباهه ٿيل ڪوچن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن اطلاعن موجب لاڙڪاڻو مان ايم پي اي تيمور ٽالپر جي قيادت ۾ ايندڙ قافلي ۾ شامل ڪوچ ۾ ڪراچي واسي ڪارڪن شامل هئا جن سان حادثو پيش آيو.