ماسڪو تي حملو ۽ مستقبل جا خدشا

0
41
ماسڪو تي حملو ۽ مستقبل جا خدشا

 ماسڪو بم ڌماڪن کان پوءِ روس جو صدر پيوٽن ٽي دفعا قوم کي خطاب ڪري چڪو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته روسي حڪومت ڪنهن وڏي مُهم جوئي جي رٿا سان گڏ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهي آهي۔ جيتوڻيڪ داعش خراسان ماسڪو  حملي جي سڌي ذميواري قبول ڪئي آهي، ان باوجود روسي سربراه هن حملي جي ذميواري يوڪرائين، آمريڪا ۽ نيٽو تي هڻي رهيو آهي۔ ٻئي طرف اهي سڀ ڌريون ان الزام کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن۔ اهڙي قسم جي سياسي هڻ هڻان ۾ دنيا جي ميڊيا به ورهايل آهي ته مخلوق پڻ. هن المناڪ واقعي کي گهرانيءَ سان پرکڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ روسي قوم جو روايتي مزاج، پيوٽن حڪومت ۽ معربي ملڪن جون خطي ۾ پاليسيون، ڪي جي بي جي اڳوڻي آفيسر طور پيوٽن جا سياسي ۽ شخصي تيوَرَ  ۽ واقعي کان پوءِ عالمي سياست جو رُخ.

                 اها مڃيل حقيقت آهي ته موسيقي دماغ تي خوشگوار اثر ڇڏي ٿي. حضرت دائود عه جڏهن ترنم سان الحاني راڳ Psalm  ڇيڙيندو هو، تڏهن جبلن سان گڏ پکي پکڻ به ساڻس سُر ملائيندا ۽ ڳائيندا هئا. سُر ۽ سازُ جانورن کي ته مُنڊي وجهندا آھن پر ماڻهوءَ مٿان به وجد طاري ڪندا آهن ۽ انسان بي اختيار ۽ بي قابو ٿي ڪڏهن جھومڻ ته ڪڏهن رقص ڪرڻ تي مجبور ٿيندو آهي. Week end تي  ماسڪو کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ماسڪوا درياه تي ٻڌل ننڍڙي شهر ڪراسنوگورسڪ جي ڪنسرٽ هال اندر موسيقيءَ جي سحر ۾ ورتل اهڙا پنج هزار کان مٿي ماڻهو جڏهن ڪميونسٽ دور جي موسيقيءَ جو مزو وٺي رهيا هئا، تڏهن ولايت خراسان جي ڪارندن پنهنجي ڪرايي جي گوريلن جي مدد سان جديد هٿيارن ۽ دستي بمن سان حملو ڪري سڄي هال کي رت سان رڱي ڇڏيو. جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون.

مغربي راڳ، رقص ۽ موسيقيءَ ۾ اٽليءَ جو نالو جيتوڻيڪ سڀ کان اڳتي ۽ اهم آهي پر روسين ھن ڏس ۾ دنيا اندر جيڪا ترقي ڪئي، ان جو به ڪو مثال ڪونهي. ساڳئي وقت روسي من حيث القوم موسيقيءَ تي ٻين قومن کان وڌيڪ موهت آهن. تنهنڪري ڪيترن وڏن شهرن ۾ پنجن کان ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي Accomodate  ڪرڻ جا ڪنسرٽ هال به روس ۾ ئي ملندا۔ ڪميونسٽ دور ۾ پڙهن وقت اونهاري ۾ جڏهن ماسڪو کان چاليهارو ڪلوميٽر پري واسڪريينسڪ شهر ٻاهران پروفيسر ماسڪالينڪو سان گڏ سندس داچا ۾ وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن ميٽرو جي ارباتسڪو- پاڪرووسڪايا لائين جي آخري اسٽيشن مالاديوزنايا هوندي هئي، جتان باقي ويهارو ڪلوميٽر اڳتي لاريءَ ذريعي ڪاسنوگورسڪ کان به گذربو هو. روسي پروفيسرن جي سادي زندگي، علم جي هنن هماليائن جي اڪثريت کي مون پري پري تائين بغير موٽرڪار جي لارين ۽ بسن ۾ سفر ڪندي ڏٺو. هر قسم جي ڪامپليڪس کان آزاد لينن جي دور جي بالشويڪين جو ٻيو جوڻ هئا سوويٽ اڪيڊمي آف سائنسز جي اورينٽل انسٽيٽيوٽ جا هي ڪامريڊ پروفيسر! پاڪستان ۾ اسانجي ٽهيءَ وٽ سوويت روس هڪ رومانس هوندو ھو. گورڪي ۽ دستايووسڪي جي لکڻين ۾ سماوار ۽ داچا جهڙا نالا اسان لاءِ پرڪشش هوندا ھئا۔ سندن ناولن کي پڙهندي تصور ئي تصور ۾ سماوار جي چانھ مان چسڪا وٺبا هئا ته درياه جي ڪنڌين، جهنگن ۽ جبلن جي سنسان هنڌن تي ٺهيل ڪاٽيج نما داچن کي به گهمي اچبو ھو پر ھتي واسڪريينسڪ ويندي ڪراسنوگورسڪ شهر ۾ قائم پارٽي اسڪول وري منهنجي لاءِ ڪشش جو سبب هوندو هو، جنهن کي اندر وڃي ڏسڻ جي حسرت رهجي وئي. پارٽي اسڪول ۾ دنيا جي ڪميونسٽن جي نظرياتي تربيت ٿيندي هئي، جتي داخلا به فقط پارٽي ميمبرن کي ملندي هئي. ڄڻ ته هي ادارو ڪٿان جو ڪو اسٽاف ڪاليج هو. ليڪچر پروگرام ۽ عالمي سطح جا بحث به هن اسڪول ۾ ٿيندا هئا.  پروفيسر ماسڪولينڪو کي ٻه ڀيرا فرمائش ڪئي هئم ان اسڪول جي گهمائڻ جي.

خير، ڳالهه پئي ڪئيسين روسين جي قومي مزاج جي ته ويڙهو هجڻ سان گڏ هو آرٽ جا عاشق به آهن. تند تي ڪنڌ وارڻ سنڌ جي روايت  آهي پر گهٽ روسي به ناهن. تڏهن ته خراسانين کا بي خبر ۽ بي الڪا ٿي ھو مارجي ويا. آمريڪا طرفان اطلاع ملڻ باوجود حڪومت به توجهه نه ڏنو. شايد پيوٽن جرم محسوس ڪندي ور ور ڏيئي ٽي وي تي نمودار ٿي رهيو آهي. سوويت دور جو ماسڪو دنيا جو پرامن ترين شهر هوندو هو، جيڪو اڄ به آهي. پر هاڻي هي شهر هر ڏهين سال دهشتگرديءَ جي نشاني بنجڻ جو رڪارڊ به رکي ٿو. بدقسمتيءَ سان هر دفعي ٻين جي چرچ تي اسان جا مسلمين ڀائر ان کي نشانو بڻائيندا اچن ٿا۔ سوويت دور جي 1990ع جي انگن مطابق، هن شهر جي آبادي نوي لک هئي، جنهن ۾ پندرنهن لکن جي لڳ ڀڳ هتان جا شهري مسلمان هئا. ان حساب سان يورپ ۾ مسلمانن جي وڏي آباديءَ وارو شهر ماسڪو آهي، جنهن جو دفاع ڪي جي بي جي هٿن ۾ هوندو هو. ڪامريڊ فيلڪس دريزنسڪي 1918ع ۾ لينن تي هڪ جان ليوا حملي کان پوءِ ھن اداري جو بنياد رکيو ۽ نالو ڏنو  هئائينس “چيڪا”. ان کان پوءِ اسٽالن هن کي “گُرُو” پوءِ NKVD جو نالو ڏنو، جنهن کي 1954ع ۾ خروشوف ڦيرائي ڪي جي بي ڪيو، جيڪا مون کي اتي رهندي ڪڏهن ظاهر ته نظر ڪا نه آئي پر سندس وجود هر هنڌ محسوس ٿيندو هو. روڊن تي، گهٽين ۾، ڪمري توڙي بستري جي ڪمبل ۽ وهاڻي اندر هن جي Omnipresent هجڻ جو احساس هوندو ھو، جنهن لاءِ مشهور هو ته ڳئون جي پيٽ ۾ سرجندڙ  ڦر جي جنس جي به کين خبر پوندي هئي. GRU جيڪو روسين لاءِ هڪ ئي وقت ڍال ۽ تلوار جو ڪم ڏئي ٿي، هن جو اهم ڊائريڪٽوريٽ آهي. روسي يونيورسٽين جي اڪثر پروفيسرن جو تعلق به هن ونگ سان هوندو هو. سوويت يونين جي آخري ڏينهن ۾ ماسڪو جي مشهور اخبار آرگومنتي اي فاڪتي Arguments n facts ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف پڙهن لاءِ ملندا هئا، جنهن مطابق ماياڪووسڪي ۽ گورڪي جو شڪ جي بنيادن تي قتل به “گرو” جي هڪ ميمبر هٿان ٿيو هو. اخبار مطابق، ماياڪوسڪي جڏهن 1925ع ۾ آمريڪا ويو هو، تڏهن اتي بالشويڪ انقلاب وقت روس ڇڏي ويندڙ هڪ خاندان جي ڇوڪريءَ سان سندس عشق ٿيو هو، جنهن مان کيس يليينا ماياڪووسڪي نالي نياڻي پيدا ٿي هئي. يليينا پوءِ پروفيسر Patricia thompson جي نالي سان مشهور ٿي ۽ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ روسي انٽيليجنسيا وٽ  Documentry پروفن ۽ ماياڪووسڪي جي خطن  مان پاڻکي ثابت ڪيو ته هوءَ سندس ڌيءَ آهي. هن پنهنجي پيءُ تي مشهور ڪتاب Mayakovsky in Manhitten به لکيو هو. هن پنهنجي پيءُ جا سندس ماءُ ڏي لکيل خط ماسڪو جي ماياڪووسڪي ميوزيم حوالي ڪيا هئا. عشق جو شڪار ٿيل هي شاعرِ انقلاب جڏهن آمريڪا مان واپس ماسڪو موٽيو هو، تڏهن سندس هيءَ نياڻي ڄائي هئي. اها خبر جيئن ئي Gru جي صفن م پهتي، تيئن ئي ماياڪووسڪي ڪنهن اَڄاتل ماڻهو هٿان قتل ٿي ويو هو. سو انهيءَ ڪي جي بي جو سابق ڪرنل پيوٽن به ماسڪو حملي کان پوءِ شڪ جي بنياد تي پنهنجن ويجهن ماڻهن جا کنڌا کڻي سگهي ٿو.

پيوٽن کي روس جي واڳ ڏيارڻ ۾ به سندس “مسلڪ” يا اداري جو هٿ هو. اهو دور روس جي مسلڪين لاءِ شرمندگي جو دور هو۔ ست لک اسٽاف ۽ ارڙھن ڊائريڪٽوريٽن تي مشتمل ادارو ملڪ ته نه بچائي سگهيو هو پر سوويت خاتمي کان پوءِ سندن وقار به ڊانوا ڊول ٿي چڪو هو. تڏهن مسلڪين اهو فيصلو ڪيو ته روس جي وڃايل عزت فقط هو ئي بحال ڪرائي سگهن ٿا. پيوٽن اقتدار ملڻ کان پوءِ ڪريملن جي گريگوري هال ۾ ملڪ جي امير طبقي کي باربي ڪيو دعوت تي گهرايو. کين سياست تان هٿ کڻڻ جي بدلي سڀ گناه بخش ڪرڻ جو واعدو ڪيو. مسلڪين مان جن وفاداريون مٽايون هيون، تن کي زندگيءَ تان هٿ کڻڻ جو چتاءُ ڏنو هو. ايئن روس ڏهن سالن جي وقفي کان پوءِ دنيا جي سياست تي وري پير ڄمائي ڏيکاريا. ھاڻي روس جو سڌو مقابلو يورپي يونين ۽ آمريڪا سان آهي. جنهن تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ماسڪو ڌماڪي کان پوءِ روسي ليڊر جا تيوَر اهو ٻڌائين ٿا ته سمنڊ پار ڪن ماڻهن جو مقدر ٽراسڪي جهڙو به ٿي سگهي ٿو. خاص طور يوڪرائين جي حڪمران طبقي تي گهاتڪ حملا ٿي سگهن ٿا. مياڪووسڪي وانگر محبت جو شڪار آنا اخمتووا به ٿي هئي. اسٽالن جي گهڻو پسنديده هن شاعره جي زندگي ته بچي وئي پر کيس مليل تڪليفون روس جي ادبي تاريخ جو حصو آهن.

آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن ماسڪو حملي کان پوءِ ان جي تڪڙي مذمت ڪندي حملي ۾ يوڪرائين جي ملوث نه هجڻ جو سرٽيفڪيٽ دنيا جي ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو. اهو ان وقت ٿيو. جڏهن حملو ڪندڙ ماسڪو- ڪيف موٽر وي M3 تي يوڪرائين جي سرحد ويجهو روسي ايجنسي هٿان گرفتار ٿيا. اسان کي دنيا جي ھن خطي جو سياسي ڇيد فقط جنگي نڪتهء نگاه نه بلڪه geo economic  لحاظ سان به ڪرڻ گھرجي. يوڪرائين ۾ نيٽو جي فوجي دلچسپي ڀلي ڪيتري به هجي پر ان کان وڌيڪ يورپي يونين ۽ آمريڪا جي معاشي دلچسپيءَ کي پرکڻو پوندو۔ يورپي يونين ۽ آمريڪا جي معاشي مفادن کي جٽادار بنائڻ لاءِ دنيا ۾ ھميشه نيٽو جا فولادي هٿ اڳيان وڌيا آهن. يوڪرائين جيئن ته ڪڻڪ جي پيداوار ۾ دنيا جو وڏو ملڪ آهي، تنهنڪري سوويت يونين جي خاتمي کان 9 سال پوءِ آمريڪا ۽ يورپي يونين جي ملٽي نيشنل ڪمپنين يوڪرائين جي زرخيز  زمين مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجين حڪومتن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي شروعات ڪئي. سرمائيدارن جي صلاح بيٺي ته پهريان نيٽو کي اڳتي آڻجي، تهان پوءِ بندوق جي پهري ۾ يوڪرائين جي زرخيزي مان فائدو وٺي دنيا سان Agribusiness جو واپار شروع ڪجي، يعني عربن جي تيل وانگر يوڪرائين جي ڪڻڪ مان پنهنجي مرضيءَ جو فائدو وٺجي. ياد رهي ته پوري دنيا م ڪڻڪ جي پيداوار جو ٽيهه سيڪڙو  يوڪرائين ڏئي ٿو. ان جي زرخيز زمين روسي شاعريءَ جو به موضوع آهي، جنهن کي “چورنوزِم” زرخيز ڪاري مٽي سڏيو ويو آهي. پر نيٽو اڃا هتي اچي ئي اچي يورپ ۽ آمريڪا جي venguard, monsanto, black rock ۽ سعودي جي ڪانٽينينٽل فارمرز جهڙين ملٽي نيشنل ڪمپنين  يوڪرائين جي پنجهتر سيڪڙو زرعي زمين جو صدر زليونسڪي سان معاهدو ڪري ڇڏيو. پر جيئن ته يوڪرائين سان جنگ دوران روس ان جي پنجويهه سيڪڙو ملڪ قبضي ۾ ڪري چڪو آهي، جيڪو سڌو نقصان ملٽي نيشنل ڪمپنين کي پئجي رهيو آهي. پيوٽن جو خيال آهي ته ڀلي سرڪاري سطح تي يورپي ملڪ ۽ آمريڪا هن ڌماڪن ۾ ملوث نه هجن پر چوتڙيا پيرا يعني واردات تي ايندڙ پيرا انهن  ڪمپنين مان نڪرن ٿا.  تنهنڪري روس داعش خراسان  تائين پهچڻ کان اڳ شايد يورپ ۽ يوڪرائين ۾ ڪجهه خطرناڪ قدم کڻي سگهي ٿو.

جيستائين سوال آهي داعش يا داعش خراسان جو ته اسلام جي آفاقي نالي ۾ مذهبي انتها پسند تنظيمون سرمائيدار دنيا جون ڀاڙيتو رهيون آهن. مذهبي مهندارن اسلام جهڙي دين فطرت ۾ سرمائيداري جائز ۽ اشتراڪيت جي ڳالهه ڪرڻ کي گناه ڪبيرا سڏيو آهي. يهود جي مال جي بائيڪاٽ تي زور ڏيندڙ تنظيمون اسرائيل سان جهاد جو اعلان نٿيون ڪن. خاص طور داعش ۽ ٽي ٽي پي جو جهيڙو يا ته پنهنجي مسلمان ملڪن سان يا روس ۽ چين جهڙن فلسطين دوست ملڪن سان هلندو اچي ٿو. ڊالر جي تلاش نڪ ۽ مذهبي ناموس ٻنهي کي وڍي ٿو وجهي.

[email protected]