ماتلي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي روڊ تي ملهڻ بس اسٽاپ وٽ مسافر وين جي ڇت تان نينگر اساما پٽ گل حسن لنڊ ڪري فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي لاش کي تعلقي اسپتال ماتلي آندو ويو، جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي حاجي سانوڻ ڀرسان ڳوٺ مشتاق لنڊ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.