لھرون، پکي، ڪنارا … جنھن جي ڪنٺ ۾ ڪلا جي پوري ڪائنات موجود آھي

0
223
لھرون، پکي، ڪنارا ... جنھن جي ڪنٺ ۾ ڪلا جي پوري ڪائنات موجود آھي

  ھن دور جي ٿر وٽ سڀ کان سگھارو دليل اھو شفيع فقير ئي آھي، جنھن جي آلاپ جي آڌار تي ھي وارياسو وطن اھا دعوا ڪري سگھي ٿو ته ٿر سونھن ۽ وفا سان گڏ سرن جي سيم به آھي. ان حقيقت جي باوجود سرن جي ستن سمنڊن کيڙڻ لاءِ ھن سريلي شخص کي اڃا ڪيترائي سڙھ سبي ساڄا ڪرڻا آھن. مون سالن جا سال ھن سان دوستي جي دڳ تي ھلندي اھو محسوس ڪيو آھي ته، ھي محنت کي به محبت سمجھندڙ اھڙو مڱڻھار آھي، جنھن جي ڪلا ۾ گرنار جا ڪنگرا جھڪائڻ جي سگھ موجود ھوندي آھي. ھن ديس ۾ ھن وقت جيتوڻيڪ ڏياچن جو وڏو ڏڪار آھي پر شفيع فقير جي سرن جو ويساھ شيخ اياز جي انھن سٽن ۾ سمايل آھي ته،

ڪر جان به قربان، مڙي موٽ نه چارڻ،

انسان تي ايمان رکي چنگ کڻي آءُ.

ان ايمان جي آڌار تي چنگ کڻي ھن فقير منش فنڪار دنيا جا جيڪي به ڏيھ ڏوريا ۽ پنڌ ڪيا آھن، اتي ھن پنھنجي نالي جا نقش پا ضرور ڇڏيا آھن، ڇو ته ھو رڳو فنڪارن جي ڊگھي فھرست جو نالو بڻجڻ بدران پنھنجي پيرن جا نشان ڇڏڻ جو خواھشمند اھڙو راڳي آھي، جنھن جي اڳيان اياز جو ھي نظم وڏي سواليه نشان وانگر بيٺل آھي ته،

ڇا رڳو فھرست جو نانءُ ٿيندين؟

يا ھتي پيرا ڇڏيندين؟

ايترا جو، ڪو به ٻيو پيرو نه ھوندو

تون وري ٻيھر ڪناري تي نه ايندين؟

نيٺ ڪو درياءَ ٿيندين؟

ڪو به ٻيو پيرو نه ھوندو

ڇا ھتي پيرا ڇڏيندين؟

ڪجھ سال اڳ جي ڳالھ آھي، جو حيدرآباد جي ھڪ نيم سرد شام جو منھنجي ھڪ راڳ جي پارکو ۽ انتھائي بي رحم نقاد دوست، شفيع فقير تي لڳاتار ٽي ڪلاڪ تنقيد ڪئي ھئي. ھن بيحد برداشت سان سڀ ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ رڳو ايترو چيو ھو ته، آئون جن حالتن ۾ ڪم ڪري رھيو آھيان، انھن حالتن ۾ ان کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھڻ ڪافي ڏکيو آھي. مون کي پڪ آھي ته، شفيع فقير “ڪانٽ” جي اھا ڳالھ پڙھي ناھي پر ھو ان وقت ڄڻ ته ڪانٽ جي اھا ڳالھ ڪري رھيو ھو ته ھر آدرشي ڳالھ عملي ڳالھ جي دشمن آھي ۽ آئون اڄ پوري ذميواريءَ سان ان خيال جو آھيان ته عملي طرح جيترو ڪجھ ڪري سگھڻ ممڪن ھو، شفيع فقير اھو سڀ ڪجھ بنا ڪنھن ڪوتاھيءَ جي ڪيو آھي.

درد جي ھندي وڏي سمنڊ ۾ ٽلڪندڙ شفيع فقير جي ڏات جو بتيلو آدرشن جي ساحل تي ڪڏھن پھچندو؟ قطع نظر ان سوال جي، آئون پوري پڪ سان چوان ٿو ته، ان بتيلي جو ناکئو ننڊاکو ناھي. پنجويھ سال اڳ ھڪڙي تنگ ۽ تاريڪ ڪمري مان ھن آلاپ سنگيت سکيا گھر جو ڪم جڏھن شروع ڪيو ھو، تڏھن اسان مان ڪنھن کي به اھو احساس ۽ اندازو نه ھو ته ھڪ ڏينھن اھڙو به ايندو جو رجب، رفيق ۽ سڪندر جي صورت ۾ ھن جي سکيا جو سحر سڄي سنڌ کي ديوانو بڻائي ڇڏيندو.

طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي، ساحل کي حيران ڪري وئي

عشق ڪرشما ڏيکاريا دل، ڪفر مٿان ايمان ڪري وئي

ماڻھن جي وڏي جھنگ جھڙي ھن دنيا ۾ جن به ماڻھن روح جي حرارت محسوس ڪئي آھي، اھي سمجھن ٿا ته، راڳ ۽ روح جو رشتو چنڊ ۽ سمنڊ جو رشتو آھي. راڳ جي چاندني جيئن جيئن نکار ۾ ايندي ويندي آھي، روح جو سمنڊ تيئن تيئن بيچين بڻجي پلڪن جا ڪنارا پائڻ لڳندو آھي. ان ڳالھ جو احساس اسان مان ھر ڪنھن کي ھوندو، ڇو ته اسان مان ڪوبه ڪونھي، جيڪو ڪڏھن رنو ناھي ۽ جنھن نه ڪڏھن ڳايو آهي. پر ان احساس کي اظھار ڪيئن ڪجي؟ اھا ڳالھ ميران جي شاعري تي ڳالھائيندي ڪنھن ھينئن ڪئي آھي ته، “ميران جي شاعري جا سرور محسوس ته ڪري سگھجن ٿا پر بيان نٿا ڪري سگھجن”.

راڳ ۽ روح يا چنڊ ۽ سمنڊ جي رشتيداريءَ تي دليل ڏجن به ڇو؟ بس دنيا وارن لاءِ اھو ئي ڪافي آھي ته راڳ ڪيئي ڇَٽَ پَٽن سان ھنيا آھن ۽ راڳ جڳن کان روح جي روءِ زمين جو اھڙو شھنشاھ رھيو آھي، جنھن جي قوت جي ڪرشمن ڪڏھن گرنار جو گل ڇنو آھي، ته ڪڏھن پرھ جي ھير بڻجي روحن جي رابيلن ۾ خوشبو ڀري آھي، ڪڏھن من مساڻن ۾ ديپ بڻجي آڳ ٿو لڳائي ته ڪڏھن دلين جي ڌرتيءَ تي ملھار بڻجي وسي ٿو. اھو راڳ جڏھن ڪنھن ڪنٺ جي ڪنٺمال ٿو بڻجي، تڏھن اھو ماڻھو ڪلاڪار جي روپ ۾ ڪڏھن ٻيجل ته ڪڏھن تانسين، ڪڏھن عاشق علي خان ته ڪڏھن خير محمد خان، ڪڏھن شادي فقير ته ڪڏهن شفيع فقير بڻجي روحن تي راڄ ٿو ڪري.

استاد شفيع فقير، چاچي مولا بخش فقير جي گھر ۾ 1960ع ڌاري جنم ورتو. مولا بخش فقير، جنھن جو گھر ٿر جي کائڙ واري سيم جي ننڍڙي شھر گڊڙي ۾ ھو ۽ گڊڙي جي سڃاڻپ جي کوڙ حوالن مان ورھاڱي وقت سندس وجود جو ٻه اڌ ٿي وڃڻ ۽ نامياري چترڪار ع .ق شيخ جي جنم ڀومي ھجڻ ٻه قابل ذڪر حوالا آھن. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ھئي ته کارن کوھن واري ان شھر جي سڃاڻپ جو ھڪ وڌيڪ حوالو فقير مولا بخش جي ٻارڙي جو اھو مٺڙو آواز به بڻبو، جنھن جو نالو شفيع فقير آھي. ان گڊڙي جي وڻن ۽ واريءَ سان شفيع جون معصوم اکيون اڃا شناسا ئي نه ٿيون ھيون، جو سندس وڏڙن کي سڪندڙ ساٺيڪن، رٺلن بادلن ۽ علائقائي زوال پذيري گڊڙي جي گلين مان جبري طور جلاوطن ڪري ڇڏيو ۽ ھو اچي ٿر ۽ ناري جي ڪس وار شھر ڇور لڳ ڳوٺ حويلي ۾ وسيا، جتي کانئس اڳ ئي استاد خيري خان جي سلڇڻي شاگرد ۽ سنڌ جي سريلي راڳي استاد شادي فقير جا پڊ اڏيل ھئا.

شفيع جي ڪن ۾ ھونئن ته ٻانگ کان پھرين ئي سرن سرگوشي ڪئي ھئي پر سرن جي ان ٽڙيل پکڙيل ڪائنات کي ترتيب ۾ آڻڻ لاءِ کيس باقاعدي سکيا جي گھرج ھئي ۽ ان گھرج جي پورائي لاءِ استاد شادي فقير جھڙي نعمت ھن کي آسانيءَ سان ميسر ٿي ملي. شفيع اڃا سکيا جي اوائلي مرحلن ۾ ئي ھو ته استاد شاديءَ جي زندگي جو ستارو ثاقب ٿي ويو. ان ٽٽل تاري جي روشني مان راڳداري جو جيترو به نور شفيع فقير جي حصي ۾ آيو، ھن اھو حاصل ڪيو. پر موسيقي جي تلاش ۽ تڙپ کيس مايوس ٿي گھر ويھڻ نه ڏنو ۽ ھو علم پرائڻ لاءِ خانصاحب سلامت علي خان، رمضان علي خان ۽ سينگار علي سليم تائين ڪيترائي در ڀيٽيندو رھيو. بھرحال شفيع فقير جي گائڪي جا گل ديس پرديس جي ھوائن ۾ ھوريان ھوريان جھولڻ لڳا ھئا پر انھن جي سرھاڻ سان منھنجي شناسائي تڏھن ٿي، جڏھن منھنجي دوست رسول بخش درس جھمپير ۾ پنھنجي جاءِ تي ڪچھري دوران ٽيپ رڪارڊر آن ڪندي مون کي چيو، ھي آواز سڃاڻ! نه سڃاڻڻ تي چيائين، “اھو فنڪار تنھنجي ئي جُوءِ جو ھڪ اھڙو راڳي آھي، جنھن جي گائڪي جي انداز مان مون کي اندازو ٿي رھيو آھي ته ھي ڳائڻو مستقبل جو وڏو فنڪار ٿي سگھي ٿو. سندس نالو شفيع فقير آھي، ھاڻ ڇور وڃي ساڻس ملجانءَ ۽ کيس منھنجا سلام ڏجان”

ڪئين سال پراڻي اھا ڳالھ مون کي ياد آھي پر اھو ياد نه اٿم ته شفيع فقير سان منھنجي پھرين ملاقات ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿي؟ حالانڪه سندس ۽ منھنجي ڳوٺ وچان رڳو ڪجھ ڀِٽن جو ئي فاصلو آھي. شفيع سان شناسائيءَ کان دوستيءَ واري سفر دوران مون سندس ڪئين يادگار محفلون ٻڌيون آھن، جن دوران سندس ڳلي مان ميران جي دوھي جھڙو درد ڦوھارا ڏيئي ڦُٽو به ھوندو ته اھو درد ٻڌندڙن جي اکين مان لڙڪ لڙڪ ٿي ٽميو به ھوندو. اھڙين محفلن جي تذڪري جا تاڪا جيڪر اکيلبا ته وري ويڙھڻ مشڪل ٿي پوندو. ھو نه رڳو وڏو فنڪار آھي پر وڏو ماڻھو به آھي. اھا ڳالھ سندس ٻڌندڙن کان دوستن کي وڌيڪ سمجھ ۾ ايندي. کيس جڏھن شگر جي بيماري چائي چنبن ۾ ڪيو ھو، تڏھن اڃا سنڌي ادبي سنگت عمرڪوٽ جي شاخن کي ڇانگيو نه ويو ھو ۽ ادبي سنگت ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف شاخن جي گڏيل فيصلي تحت اسان ساڻس ملي چيو ته اسان تنھنجي علاج لاءِ ھڪ بينيفٽ شو ڪرائڻ ٿا چاھيون، ڇا خيال اٿئي؟ ھن غير متوقع جواب ڏيندي چيو: “يار! اوھين به مون کي ھمدرديءَ جي خيرات وٺي ڏيڻ ٿا چاھيو؟” اسانجي ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي ھو وڌيڪ ڳالھائڻ بدران پنھنجي مخصوص انداز ۾ پاڳوٺي ھڻي ڪا نئين ڪمپوزيشن ڳائڻ لڳو.

جدا ٿي رھ تون يار

گھوريو گڏجڻ تنھنجو

ان ئي ڪچھريءَ ۾ سنگت جي ھڪڙي سوال جو جواب ڏيندي ھو چئي رھيو ھو ته، “ڪنھن به تخليقڪار لاءِ پنھنجو نقاد ٿيڻ ڪافي مشڪل آھي، منھنجا نقاد منھنجا باذوق ٻڌندڙ ئي آھن. سندن راءِ جي روشني ئي مون کي ڪا راھ ڏسيندي. باقي منھنجو ڪم آھي سکڻ”. اھو سکڻ واري محبت جو ئي نتيجو آھي، جو ھن دور ۾ جڏھن اڪثر مشھور ڳائڻن کي ڪلاسيڪل ته ٺھيو پر سنڌي فوڪ راڳڻين جون به سڀئي شڪليون ياد ناھن، تڏھن موسيقي جي ھڪڙي ڄاڻو دوست جي دعوا مطابق شفيع فقير، جي ڳلي ۾ انھن راڳڻين جو سڀئي شڪليون محفوظ آھن. ھن دور ۾ راڳ جا جيڪي ڏھ ٺاٺ مروج آھن، اھي ازل کان ايترا نه ھئا پر پيڙھي در پيڙھي منتقل ٿيندي اھي سنڌ جي نقشي وانگر مختصر ٿيندا رھيا آھن ۽ اڃا به اختصار جا امڪان موجود آھن. ٿر مان اڀريل شفيع فقير جو آواز ھاڻ جڏھن ملڪان ملڪ ڦھلجي چڪو آھي، تڏھن اسان کي ان تي فخر ڪرڻ جو حق حاصل ڇو نه ھجڻ گھرجي؟ اڄ اسان جي وچان موجود شفيع فقير جو تعارف سڀاڻي اسانجي ايندڙ نسلن جي باذوق سماعتن ڏانھن منتقل ڪرڻ جي گھڻي گھرج انڪري به آھي، جو ھو ٿر جو سگھارو ۽ پيار ڪرڻ جھڙو حوالو آھي.