حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا لطيف آباد ۾ ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري جي برانچ قائم ڪري ورتي آهي. اها برانچ لطيف آباد نمبر 2 ۾ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا نمونا وٺي ٽيسٽ لاءِ مک ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ لبارٽري حيدرآباد موڪليا ويندا. حيدرآباد ۾ ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري جي اها اضافي برانچ آهي. ان کان اڳ قاسم آباد، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ به ساڳئي ليبارٽري جون برانچون ڪم ڪري رهيون آهن. ان ليبارٽري ۾ روزانو جي بنياد تي ڪورونا جون مفت ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.