حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ بيروزگاري کان تنگ پورهيت مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. وارثن عتيق نالي پورهيت کي بيهوش سمجهي علاج لاءِ يونٽ  نمبر 6 ۾ قائم هلال احمر اسپتال پهچايو جتان فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش بنا پوليس ڪارروائي جي گهر منتقل ڪيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 40 سالن جي عتيق پٽ محمد ظهور گهر ۾ رسو ڳچي ۾ ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پورهيت مزدوري ڪندو هو ۽ روزگار نه ملڻ سبب ڪافي ڏينهن کان پريشان هو ۽ هن گهريلو پريشانين سبب دلبرداشته ٿي آپگهات ڪيو. اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واقعو آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پيش آيو. پورهيت جي آپگهات جو سندس وارثن اطلاع نه ڏنو پر اسپتال انتظاميا ۽ کين علائقي مان ڄاڻ ملي آهي جنهن بعد انهن معاملي جي جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب فوتي جي وارثن اسپتال انتظاميا کي شروعاتي بيان ڏنو آهي ته پورهيت غربت کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي.