لطيفي فڪر ۽ سنڌ جو “وڏو”

0
188
لطيفي فڪر ۽ سنڌ جو “وڏو”

 ھن کي سنڌ “وڏو” چوندي هئي ۽ هو واقعي ئي سنڌ جو وڏو هو، اڄ هُن سنڌ جي وڏي شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي! وقت ۽ حالتون ڪهڙيون به هجن سنڌ جا عاشق سندس سلامي لاءِ رتوديرو ضرور پهچندا، ڇاڪاڻ جو هن ۾ صلاحيت، ساڃاهه، ناز نوڙت، بهادري سان گڏ هڪ اڳواڻ لاءِ لطيف سائين جي بيان ڪيل وصف، معنيٰ مطابق “هلڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجھيان اي مرڪ” جي خاصيت سان واضح ۽ چٽي هئي،هي سمورين خاصيتن سان ڀرپور سنڌ جو متفقه ليڊر  ھو.

    هن وٽ جدوجهد جو ڏانءُ هو، حالتون ڪهڙيون به هجن! سنڌ جي وحدت، بقا، سلامتي لاءِ جدوجهد جو دڳ، رستو ڪڍي ويندو هو، پوءِ ڀلي مشرف جي ايمرجنسي ڇو نه هجي! جنهن ۾ هن جي سڏ تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، وسيلن تي قبضي خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪرائڻ جو مثال سياسي جدوجهد جي تاريخ ۾ موجود آهي، مطلب ته لطيف سائين هن سٽن تي به پورو هو..

“وجھن تان نه فرق رڪ وھنديءَ راند ۾”

                 اڄ جي حالتن ۾ به سنڌي قوم هن کي پڪاريو ٿي، پر هن کي جيڪو تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو هو اهو وڏي ذميواري سان ادا ڪري ويو آهي، هاڻي توهان ۽ اسان جي ڪردار جو وارو آهي.

هن 23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي تاريخي تخت گاھه ڪراچي ۾ تبت سينٽر تي لکين ماڻهن کي گڏ ڪري واضح طور تي سنڌ جي تاريخ کي نئون موڙ ڏئي ويو هو! جنهن تاريخي گُهر جو پڙاڏو گونجندو رهندو، انهي  پاداش ۾ ئي سنڌ جي هن ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي کي زهر ڏئي شهادت جو جام پياريو ويو!

جيتوڻيڪ شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جي تاريخ 7 اپريل آهي، جنهن ڏينهن تي هن جي جسم مان روح پرواز ٿي عالم ارواح ڏانهن واپسي ڪئي! جنهن کي سندس روح جي واپسي جو ڏينهن چئي سگهجي ٿو! پر سندس شهادت جو سبب 23 مارچ جي تاريخ آهي، 23 مارچ جي تاريخ سنڌ جي هن عاشق، سيڻ جو سُوري مٿي چڙهڻ جو ڏينهن آهي!

جنهن ڏينهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته..

سوري مٿي سيڻ ڪهڙي ليکي سنرا،

جيله لڳا نيڻ، تي سوريائي سيڄ ٿي.

واقعي ئي هن جا سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ منظر سان يا پنهنجي رهبر، سن جي سائين  سان نيڻ لڳي ويا هئا، جو هي سوري مٿي (تبت سينٽر) تي سرخرو هو، خوش ۽ پُر اُميد نظر پئي آيو.

هن لطيف سائين جي ان سٽن جو فلسفو چڱي ريت پروڙي ۽ پرکي ورتو هو، جيڪو هن اهو پريڪٽيڪل طور هڪ منظر طور سنڌي قوم ۽ دنيا اڳيان رونما ڪري ڏيکاريو، نظاري نروار ٿي ڏيکاريو.

بڪل لطيف سائين اهڙن عاشقن لاءِ ئي چيو آهي..

 سُوري آھِه سينگارُ، اڳهِين عاشقن جو،

مُڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نِروار،

ڪُسڻَ جو قرارُ، اصلُ عاشقن کي.

هن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته..

عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گھڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،

لڳين لَنوءَ لطيف چئي، فنا ڪيا فِراقَ،

توڻي چِڪَنِن چاڪ، ته به آھه نه سَلِنَ عام کي.

هن ڪوڙن عاشق کي به پڌرو ڪري ڇڏيو، جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته..

سڌڙيا شراب جون ڪه پچارُون ڪن؟

جي ڪات ڪَلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن،

پِڪو سي پين، سر جن جا سَٽ ۾.

هن کي 23 مارچ کان پهرين “ڪلالن” ڪات به ڏيکاريا پر هي سڌڙيو نه هو، جو ڪلالن جي ڪاتن کي ڏسي موٽي پئي، تنهن ڪري هن سر پنهنجو سَٽ ۾ ڏئي پاڻ کي سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي،

ڇاڪاڻ جو هن کي خبر هُئي ته عشق جي پنڌ ۾ سر جو اُلڪو ۽ سانگو ناهي ڪبو،

جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو ته..

اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻ ڪمُ،

سَو سِسنئان اڳرو، سَدو دوسنان دَمُ،

هِيُ هڏو ۽ چم، پڪ پريان جي نه پڙي.

ته هي سنڌ جو اُصل عاشق هو، هن وٽ پرين جي سُرڪي کان وڌيڪ نه سر هو، نه جسم نه هڏ هو، هن وٽ سچن ساٿين، ڪارڪنن، دوستن جي هڪ دم جي صحبت ۽ محفل سَو سرن کان مٿي هئي!

هن کي جنهن سُرڪي پيئڻ جي پياس هئي اها سُرڪي ساھه ڏيڻ جي عيوض به سستي هئي!

جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو..

جي اٿئي سَڌَ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،

لاهي رکُ لطيف چئي، مٿو وَٽ ماٽي،

تِڪ ڏيئي پِڪ پيُ، تون منجھان گھوٽ! گهاٽي،

جو وَرَنَه وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سهانگو.

سنڌ جو هي ارڏو پٽ ساھه ڏئي قوم جو ويساھه ته بحال ڪري پاڻ ڌرتي سان نينهن نڀائي ويو، هي ته وڇوڙي جي پاسي هليو ويو تڪڙو! پر هاڻي سنڌي قوم جون به ڪي ذميواريون آهن! هن جي نقشي قدم تي هلڻ لاءِ پاڻ کي ڌرتي جو عاشق بڻائي ڌرتي جي جدوجهد لاءِ پاڻ ارپڻو پوندو،

اڄ سنڌ جي وحدت خلاف جيڪي ويل، گهڙي نظر اچي پئي اها انتهائي ڀيانڪ آهي! لطيف سائين جي چواڻي ته…

ميڙيا مٿي مڇ هزار،

ڀاڱا ٿيندي سھڻي.

اقتدار جي حوس جا بُکيا، لالچي سڀئي مانگرمڇ (سياستدان) اچي ميڙيا آهن! سنڌ کي ڀاڱا ڪندا سنڌ کي ٽڪر ڪندا.!

اهڙين سنگين صورتحال ۽ ڀيانڪ گهڙي ۾ سنڌ جي عاشقن کي به ميڙي مُٺ ٿيڻ گهرجي. سنڌ لاءِ ويڄ، طبيب ٿيڻ گهرجي. باقي اڄوڪن ويڄن، طبيبن جي ڳالھه نٿي وڻي!

اَٿِياري اُٿي ويا، منجهان مون آزارَ،

حبيب ئي هَڻي ويا، پيڙا جي پچارَ،

طبيبن تَنوار، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.

[email protected]