لاھور سوڌو سڄي پنجاب ۾ ڪورونا وئڪسين ختم

0
251
پاڪستان ۾ ڪورونا

لاھور (بيورو رپورٽ) لاھور سوڌو پنجاب ۾ وئڪسين ختم ٿي وئي آھي، جنھن جي ڪري ويڪسينيشن جو عمل ٻن ڏينھن کان معطل آھي، حفاظتي ٽڪن متعلق توسيعي پروگرام اي پي آءِ عملدارن موجب ويڪسين جا 20 ھزار ڊوز اڄ اچڻ جو امڪان آھي، ٻئي پاسي ڪورونا ويڪسين ختم ٿيڻ بعد لاھور جي ايڪسپو سينٽر جي ٻاھران شھرين جي رش لڳي وئي، جنھن جي ڪري سيڪيورٽي گارڊز در تان ئي شھرين کي واپس ڪري رھيا آھن.