لاکا روڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ديھه ککري جي ڳوٺ نصير خان مري ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ارباب بروهي جي زخمي ٿيل امڙ مسمات شهناز به زخمن جا سور نه سهندي نوابشاھ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي، عورت جو لاش محرابپور اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف پيري گهرائي واقعي ۾ ملوث جوابدار جا پيرا کنيا ويا جيڪي ڳوٺ مختيار رند ۾ مقتول جي سئوٽ جي گهر ۾ لڳا، هوڏانهن پوليس هن وقت تائين واقعي جو نه ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي آهي.