لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پيرشير ائٽ عاقل ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي واسي 22 ورهين جي نوجوان امر چند اوڏ گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي موت جي تصديق بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ خوبچند اوڏ ٻڌايو ته پٽ لمس ۾ نرسنگ جو شاگرد هو، جنهن ٻه ڏينهن اڳ مون سان پئسن جي ڏيتي ليتي تان منهن ماري ڪئي، اڄ صبح جو ٻيهر پٽ پئسن جي معاملي تان ڪاوڙجي گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته وارثن لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.