لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد صفدر ڪالوني ۾ سال اڳ پرڻيل نوجوان عورت ارم زال صابر شيخ پراسرار نموني فوت ٿي وئي، اهڙي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي وارثن کان تفصيل ورتا جنهن تي پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جي والد ذوالفقار شيخ رابطي ڪرڻ تي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي ٻڌايو ته سال اڳ منهنجي ڌيءَ جي شادي صابر شيخ سان ٿي هئي، ڌيءُ جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ بعد ناٺي جي گهر پهتس ته ڌيءَ جي نڪ مان رت وهي رهيو هو، شڪ آهي ته ڌيءُ کي مڙس قتل ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان وليد  پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي والد ذوالفقار شيخ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم بعد واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.