لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. خبر موجب شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ نوجوان مهراڻ ڪورائي گهر ٻاهران پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، جتي موجود ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي، ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، اسپتال ۾ موجود نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان هوٽل تي مزدوري ڪندو آهي، خبر ناهي ته ڪهڙي ڳالهه تان پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟