لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو.ضلعي لاڙڪاڻي ۾ منشيات سري عام هلڻ لڳي، هيروئن، چرس، آفيم، آئيس، سفينا، سوپاري، ڀنگ جو نشو واپرائيندڙ جو انگ وڌي ويو. باڊھ، ڏوڪري، ڳيريلو، رتوديرو، لاڙڪاڻي شھر جي مختلف علائقن يار محمد ڪالوني، پير شير روڊ ڦل روڊ، الهه باد، بقاپور روڊ ۽ عاقل روڊ سبزي منڊي ٻين هنڌن تي منشيات وڪرو عام ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف شھرن مان آيل هيروئنن جا ڪٽڪ نشي جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڏينهن هجي يا رات جو چوريون ٿيڻ ڪري شهري سخت پريشانين جي ور چڙهيل آهي.شهرين احمر اڪبر ڦل، ڊاڪٽر طارق سومرو، بلاول تنيو، جميل گاد ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ڳڙھ سمجهيو ويندو آهي، پر افسوس سفارشي ڪلچر ۽  پنهنجا نوازي پاليسي جي ڪري منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، هيروئنن شهر ۾ نشي جي پورائي ڪرڻ لاءِ دڪانن ۽ گهرن مان چوريون ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ضلعي پوليس مک ٿاڻن تي نالي وارا ايس ايڇ اوز مقرر ڪري هدايتون ته جاري ڪيون آهن پر منشيات تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کڻڻ ڪري نوجوان نسل تباهه ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي والدين جون جھوليون خالي ڪري ڇڏيو آهن ۽ ڪيترائي خاندان درپدر ڪري ڇڏيا آهن اهڙي صورتحال تي سنڌ سرڪار توڙي لاڙڪاڻو پوليس تڪڙي حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته ايندڙ نسل تباهي ڪناري تي آهي.