لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار ٻه سائيڪل سوار نينگر پڪوڙا ترڻ واري تئي سان ٽڪرائجڻ سبب زخمي ٿي پيا، شهر جي ايوب ڪالوني واسي سائيڪل سوار 10 ورهين جو مدثر علي ۽ 9 ورهين جو فتاح حسين سولنگي پڪوڙن جي تئي ۾ پيل گرم تيل ۾ سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو.