لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ پيپلز پئرا ميڊيڪل اسٽاف ضلعي طرفان ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي صدر آصف علي زرداري جي 66 ھين سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جميل سومرو، خير محمد شيخ، انور علينواز لھر، وقار ڀٽو، ماجد بروهي، عمران جتوئي، ڪامران اوڍاڻو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب کي خطاب ڪندي جميل سومرو چيو ته پ پ سنڌ حڪومت ڪورونا جي حوالي سان ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ جوڳا انتظام ڪري اِهو ثابت ڪيو آهي ته پ پ هر ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي.