لاڙڪاڻي ڀرسان پوليس جي چڙھائي دوران فائرنگ، 2 اهلڪار شھيد

0
275
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻ(ن پ ا) لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد مهر وڏا ۾ پوليس چڙھائي دوران هڪ اي ايس آءِ مظفر کوسو ۽ ڪانسٽيبل نواب جتوئي شھيد ٿي ويا

پوليس موجب گذريل رات ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ مهر وڏا ۾ ڇاپي دوران هٿياربندن  فائرنگ ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا جن جي جنازه نماز اڄ سندن اباڻي ڳوٺن ۾ ادا ڪئي ويندي

جڏھن تھ پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري بھ مارجي ويو، پوليس موجب شھيد اي ايس آءِ مظفر کوسو جي لاڙڪاڻي شھر ڀرسان حسين آباد ڳوٺ کوسا ۾ جڏهن ته ڪانسٽيبل نواب جتوئي جي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ جنازي جي نماز ادا ڪئي ويندي ۽ ٻنهي شھيد اهلڪارن کي پوليس اعزاز سان دفنايو ويندو

ھي به پڙھندا

پاڪ ايران سرحد وٽ دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شھيد