لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي دشمني تان 8 ٻارن جو پيءُ قتل

0
180
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد لالاڻي جتوئي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 8 ٻارن جي پيءُ بشير احمد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو

واقعي جي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

پوليس چيو آهي ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني هلندڙ آهي، شروعاتي جاچ ۾ وارثن ٻڌايو آهي ته ميهر علي جتوئي ۽ ٻين بشير احمد جتوئي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي جي جاچ جاري آهي