لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جو رهواسي 8 سالن جو عمران، پيرسن علي گل سنديلو ۽ 7 سالن جو تاج محمد سنديلو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرپاسي جي ماڻهن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو، جتي علاج دوران 8 ورهين جو عمران فوت ٿي ويو. ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.