لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ قادر بخش ڀٽو جو رهواسي 9 ورهين جو نينگر مرسلان بروهي ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، جنهن کي علائقي واسين پاڻي جي شاخ مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، وارثن ٻڌايو ته نينگر شاخ ۾ وهنجڻ ويو جتي هو ٻڏي ويو. اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.