لاڙڪاڻي ويجهو روڊ حادثي ۾ 6 ورهين جي نينگري فوت

0
210
مورو ويجھو روڊ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ڀرسان چنگچي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ نينگري فوت ٿي وئي، حادثي ۾ 6 ورهين جي عليزه چانڊيو سخت زخمي ٿيڻ بعد کيس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي وئي، فوتي نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته مائٽن جي شادي تي وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي حادثو پيش آيو جنهن ۾ عليزه فوتي ٿي وئي آهي.