ٻانڌي ۾ ٻن ڌيئرن کي بچائڻ لاءِ ماءُ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي

0
495

ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ ريل جي پٽڙي تي راند ڪندڙ ٻن ڌيئرن کي ٽرين جي ٽڪر کان بچائيندي ماءُ فوت ٿي وئي، گنگا باگڙي جون ٻه نياڻيون 8 ورهين جي سانتو ۽ ٽن ورهين جيويڪا ريل جي پٽڙي تي کيڏي رهيون هون، ان دوران ٽرين کي ڏسندي سندن ماءُ ڀڄي وڃي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گنگا ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ سندس ٻئي ڌيئرون به زخمي ٿي پيون، سانتو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽن سالن جي جيويڪا رورل هيلٿ سينٽر ٻانڌي ۾ علاج هيٺ آهي، زخمي ٻارڙين ۽ فوتي عورت کي اسپتال پهچائيندڙ شخص به صدمي ۾ بيهوش ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.