لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس رتوديرو ۾ ڪاروائي ڪري مبينا مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم  جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس وٽان بارودي مواد، پسٽل، ڪيبل جي تار، ريموٽ ڪنٽرول، سرڪٽ ڊوائيس، آءِ فون، شناختي ڪارڊ ۽ پرس هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته رتوديرو پوليس گرڊ اسٽيشن ويجهو ڪاروائي ڪئي جتي دهشتگردن سان مقابلي ۾ پوليس هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين واسي سعيد عرف لنگڙا عرف مبين عرف ظهير ولد اياز منگي طور ٿي آهي جنهن جو واسطو پابندي پيل تنظيم ايس آر اي اصغر شاهه گروپ سان آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد وٽان 960 گرام بارودي مواد، ٽي ٽي پسٽل ميگزين سميت، ڪيبل جي تار، ريموٽ ڪنٽرول، سرڪٽ، ڊوائيس، آءِ فون، شناختي ڪارڊ ۽ پرس هٿ ڪيو ويو جنهن جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن جيڪي ريلوي ٽريڪ سکر سميت ضلعي خيرپور ميرس ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، گرفتار دهشتگرد کان سندس ساٿين ۽ رٿابندي بابت پڇاڳاڇا جاري آهي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد مٿان رتوديرو ٿاڻي تي گناهه نمبر 2022/79 قلم 401، 324، 353، 34، 4/5 ايڪسپلوسيو ايڪٽ 6/7 اي ٽي اي ۽ گناهه نمبر 2022/80 قلم 24 ايس اي اي تحت ڪيس پڻ داخل ڪرڻ سان گڏ ان جو ڪرمنل رڪارڊ جو به معائنو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.