لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان سال 2016ع ۾ ڪيل 400 کان وڌيڪ مبينا غيرقانوني ڀرتين کانپوءِ اڳوڻي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويززن عباس بلوچ طرفان اهڙي معاملي جي جاچ ڪري مڪمل جاچ رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ايف آءِ اي اختيارين طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي اسسٽنٽ پروفيسر پيٿالاجي ڊاڪٽر محمد واصف سليم جي مبينا طور تي هڪ وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ مڪران ميڊيڪل ڪاليج تربت بلوچستان ۾ ٻه سرڪاري نوڪريون ڪرڻ جي جاچ هلندڙ آهي جنهن کان پوءِ يونيورسٽيءَ جو اسسٽنٽ انجنيئر اليڪٽريڪل وسيم منگي طرفان ماستر طور ٻه نوڪريون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جاري هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هڪ پراجيڪٽ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر اليڪڙيڪل ڪافي عرصي کان وٺي ڪم ڪندڙ وسيم منگي مبينا طور تي 14 هين اسڪيل جي ايليمينٽري اسڪول ٽيچر پڻ آهي. ان حوالي سان هٿ ڪيل پگهار واري سلپ، بائيوميٽرڪ ۽ سيمز آءِ ڊي موجب وسيم منگي سکر جي علائقي پنوعاقل جي ڳوٺ فيض محمد جتوئي جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ايليمينٽري ٽيچر پڻ آهي ۽ هو ٻنهي کاتن کان پگهارون پڻ کڻي رهيو آهي. ذريعن موجب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه کي سموري معاملي جي ڄاڻ هوندي به يونيورسٽي انتظاميه مبينا طور ڄاڻي واڻي اهڙي مسئلي طرف ڌيان نه پئي ڏئي. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي صحافين طرفان اهڙي مسئلي بابت موقف لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه سان رابطو ڪيو ويو جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.