لاڙڪاڻو:اٽي جي چڪي تي پورهيو ڪندڙ سوين مڻ ڪڻڪ چورائي ويو، گرفتار

0
460

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اٽي جي چڪي تي پورهيو ڪندڙ شخص سوين مڻ ڪڻڪ چورائي فرار ٿي ويو، دوڪان مالڪ جا هٿ مٿي تي اچي ويا، مائٽن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پوليس هٿان چور گرفتار ٿي ويو، شهر جي وليد ٿاڻي جي حد سنڌ سمال انڊسٽري واري علائقي ۾ قائم اٽي جي چڪي مان چور 50 ڪلو جا 20 ڪٽا ڪڻڪ جا چورائي فرار ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي چڪي جي مالڪ عابد حسين اتيرو، زاهد اتيرو، نويد اتيرو، وحيد علي ڀٽي دلدار علي ابڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو، احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چار مهينا اڳ اسان جي اٽي جي چڪي تي مشين جو ڪاريگر عبدالطيف قريشي بيٺل هو، جيڪو نڪرڻ بعد ڪالھ رات دير سان اٽي جي چڪي جي ڀت ٽرپي 50 ڪلو جا 20 ڪٽا چورائي فرار ٿي ويو، هنن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته عبدالطيف قريشي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي کيس گرفتار ڪري چوري ڪيل ڪڻڪ واپس ڪرائي وڃي، هوڏانهن وليد پوليس احتجاج کان پوءِ ڪارروائي ڪري جوابدار عبدالطيف قريشي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او وليد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جاچ ڪئي پئي وڃي، متاثر دڪاندار سان انصاف ڪيو ويندو.