اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لاهور بار ايسوسيئيشن  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي بار کي خطاب جي دعوت ڏئي ڇڏي، لاهور بار ايسوسيئيشن جي صدر رائو سميع ۽ سيڪريٽري جنرل عمار ياسر کوکر پاران بار کي خطاب جي دعوت جو باضابطه ليٽر عمران خان کي اماڻيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان 18 مئي تي لاهور بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن جي وڏي تعداد کي خطاب ڪندو.