لاهور (م ڊ) لانگ مارچ ۾ شريڪ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي فلاءِ اوور ۾ مٿي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، لانگ مارچ دوران ڪنٽينر فلاءِ اوور هيٺان گذرڻ دوران شاهه محمود قريشي جو مٿو ان سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ معمولي زخمي ٿي پيو، شاهه محمود کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد مقامي اڳواڻ علي اشرف جي گهر موڪليو ويو، ريسڪيو اختيارين موجب شاهه محمود کي مٿي م ڌڪ لڳو آهي،