لاقانونيت جو لقاءُ، سبب ۽ سوال

0
129
لاقانونيت جو لقاءُ، سبب ۽ سوال

سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ۽ اغوا انڊسٽري طور مشهور سنڌ جا اتريان ضلعا شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي، جتي جي هڪ لک، 87 هزار ايڪڙن تي مشتمل ڪچي واري پوري پٽي هاڻي ڌاڙيلن لاءِ جنت ۽ عام ماڻهن توڙي قانون جي محافظ لاءِ مقتل گاهه وارو تعارف پيش ڪري رهي آهي، جتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل ٻيلن جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري پنهنجون ڪيٽيون ٺاهي ويٺا آهن.

شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ڳڙهي تيغو، شاهه ٻيلو، مڇي ٻنڊو ۽ روانتي ۾ ڌاڙيلن جون پنهنجون الڳ ‘حڪومتون’ ۽ ‘سلطنتون’ آهن، جتي پنهنجي دهشت واري دنيا جا هو بي خوف بادشاهه بڻيا ويٺا آهن. نه صرف ڪچي جي هڪ لک، 87 ايڪڙ زمين تي سندن قبضو آهي پر ٻيلن جو قيمتي ڪاٺ، ڪانهن، تَرُ، مڇي، ماکي ۽ ٻي پيداوار به ڄڻ ته سندن موروثي ملڪيتون آهن، انهن ملڪيتن جو هو ڀرپور فائدو وٺن ٿا. جتي ڌاڙيل بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي مرضيءَ موجب ديده دليريءَ سان ڪنهن به پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري کيس زخمي ڪن يا موت جي ننڊ سمهارين ٿا. پوليس اهلڪارن مٿان حملو يا جوانن جي شهادت اهو هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن جو پسنديده مشغلو بڻجي ويو آهي. سنڌ جي انهن ٽنهي اترين ضلعن ۾ وڌندڙ لاقانونيت سبب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ۽ ڏوهي وارداتن اڳيان اسپيڊ بريڪر ٻڌڻ لاءِ پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ امجد شيخ کي ايس ايس پي شڪارپور، عرفان سمون ڪشمور ۽ تنوير تنئي کي ايس ايس پي گهوٽڪي مقرر ڪري اميد ظاهر ڪئي وئي ته ٽئي آفيسر ڪچي توڙي پڪي جي ڏوهارين خلاف اثرائتو آپريشن ڪري ڪردار ادا ڪندا. انهن ٽنهي ايس ايس پيز پاران مقرريءَ بعد نه صرف ڌاڙيلن کي وارننگ جاري ٿيون پر ڪچي ۾ طاقتور آپريشن لاءِ ڪشمور کان گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي رسد کي بند ڪرڻ جهڙا تڪڙا اعلان به ٿيا. ان سلسلي ۾ شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي حد ۾ ڪچي واري بچاءُ بند تي ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ مک لنگهن تي 70 جي لڳ ڀڳ پوليس پڪٽس قائم ڪيون ويون، جنهن سان ڪنهن حد تائين چڱو ڪم اهو ٿيو، جو نه صرف علائقي ۾ روپوش ڏوهارين جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽون آيون پر ڪاٺين جي ٽرالين ۾ ڳجهي طرح هٿيارن جي رسد پڻ متاثر ٿي، جنهن کي ڪائونٽر ڪندي ڏوهارين منظم طريقي سان پوليس چوڪين تي حملا ڪري اهلڪارن کي شهيد ڪيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ايس ايس شڪارپور پاران سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جي سڀ کان مضبوط مرڪز قرار ڏنل ڳڙهي تيغي جي ان مک لنگهه تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار منور جتوئي جي نالي سان نئون ٿاڻو قائم ڪرڻ واري اعلان تي عمل ٿيو ۽ ان قائم ٿيل نئين ٿاڻي تي رالف پٺاڻ پهريون ايس ايڇ او ۽ گڏوگڏ 60 اهلڪار مقرر پڻ ڪيا ويا. شڪارپور پوليس پاران قائم ڪيل ان ٿاڻي کي اڃا هڪ يا ٻه ڏينهن مس گذريا هوندا، جو ڌاڙيل رات جي وقت پوليس اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او رالف پٺاڻ ۽ اهلڪار واحد بخش ڀٽي سميت ٽن ڄڻن کي گوليون هڻي ڇتي فائرنگ ڪندا نه صرف آسانيءَ سان فرار ٿي ويا پر علائقي واسين ۽ اعتماد جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، ڌاڙيلن نه صرف پوليس جوانن تي انڌا ڌنڌ گوليون وسايون پر ٿاڻي تان سرڪاري هٿيار ۽ گوليون به کڻي ويا هئا. بلڪل ساڳي طرح لڳ ڀڳ ڏهه ڏينهن اڳ 15 کان وڌيڪ ڏوهارين رات جي وقت چڪ- رستم روڊ تي لٻاڻي شاخ تي قائم پوليس پڪٽ تي حملو ڪري پوليس جي جوانن کان سرڪاري هٿيار ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي چڪ لڳ کاهي ڳوٺ واسي نوجوان پوليس اهلڪار الاهي بخش هڪڙو موقعي تي شهيد ٿي ويو، هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. ساڳي نوعيت جي ڪارروائي ڪشمور ضلعي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ٿاڻي جي حد 219 اولڊ تي پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن حملو ڪري ٽن پوليس جوانن الياس ڀٽو، لياقت ڀيو ۽ مير هزار نندواڻي کي اغوا ڪري کانئن سرڪاري هٿيار به ڦري ويا، جن کي بعد پوليس آفيسر چڱن مڙسن جي مداخلت بعد بازياب ڪرايو. ڏوهارين جي اهڙين ڪارروائين بعد شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي سرحدي پٽيءَ کي لڳندڙ بچاءُ بندن تي قائم چوڪيون 15 ڏينهن به هلي نه سگهيون ۽ اڪثر چوڪيون ويران نظر اچي رهيون آهن. ڌاڙيلن جي اهڙي ڪارروائيءَ مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ ڪشمور کان گهوٽڪي ۽ ڳڙهي تيغي کان چڪ جي ڪچي وارا علائقا ڪنهن اهڙي هنڌ هجن، جتي قانون ۽ رياستي رٽ جي تصور بجاءِ اهڙو ڪو جهان هجي، جتي جي سرحد ۾ پهچڻ کانپوءِ قانون جي پکيءَ جا پر سڙندا هجن. جڏهن عام ماڻهو پنهنجين اکين سامهون قانون کي ايترو هيڻو ۽ بيوس ڏسن ٿا ته پوءِ حڪومت ۽ قانون مٿان اعتماد کڄڻ يقيني آهي. ويتر پوئتي پيل علائقن ۾ ان عمل سان ڌاڙيلن جو خوف، ڏهڪاءُ ۽ دهشت وڌي ويندي آهي. اهڙا واقعا ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن جي ڄڻ ته حوصلا افزائيءَ جو سبب بڻجن ٿا ۽ هو بنا ڪنهن خوف جي ڪارروايون ڪن ٿا ۽ پوليس پارٽي پنهنجي ساک بچائڻ لاءَ ڀلي ڪيترا به اعلان ڪري پر تازي ڪارروائيءَ بعد ڌاڙيلن جو خوف، ڏهڪاءُ ۽ دهشت اڃا به وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو پنهنجين اکين سامهون قانون کي ايترو هيڻو ۽ بيوس ڏسن ٿا.

سوال اهو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل ڪيئن ايترا سگهارا ٿي وڃن ٿا، جو اهي انتهائي بي خوفيءَ سان رياستي رٽ چيلينج ڪندي پوليس ۽ قانون جو مذاق به اڏائين ٿا ته پنهنجي خلاف ٿيندڙ آپريشن ۾ ٿاڻن تي حملا ڪري اهلڪارن کي موت جو کاڄ به بڻائين ٿا، ان باوجود حڪومت پاران سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي اعلانن جو جواب ڏيندي ڌاڙيل پنهنجي اغوائن وارين ڪاررواين کي نه رڳو تيز ڪن ٿا پر هاڻي ته معصوم ٻارن کي اغوا ڪري انهن کي رسن سان ٻڌي تشدد واريون وڊيوز وائرل ڪري سرڪار کي پنهنجو پيغام اهڙي نموني ڏيڻ چاهين ٿا ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سمجهي وٺن ته حڪومتي مشينري انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيل اڳيان بلڪل بيوس بڻيل آهي. اهڙي واقعي بعد جڏهن سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اثرائتي فيصلي جي اعلانن بدران ڪجهه عملي طور ڪم ڪن ها ته ڌاڙيل جو مڪمل خاتمو ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ناهي پر حڪومت جي آپريشن جي سکڻن اعلانن کانپوءِ ڳڙهي تيغي کان شاهه ٻيلي تائين ڌاڙيلن ٿوري ماٺار کانپوءِ وري ٻيهر رڻ ٻاري ڏنو آهي. اغوائن جي وڌندڙ وارداتن، خاص طور معصوم ٻارن کي باندي بڻائي کين زنجيرن سان ٻڌي تشدد وارن واقعن سنڌ جي ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. پوليس پارٽين جي غلط حڪمت عملين جو فائدو وٺندي جنهن انداز سان ڌاڙيلن پاڻ کي منظم ۽ سگهارو ڪيو آهي، اها ڳالهه امن پسند معاشري جي ماڻهن لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڌاڙيل ديده دليريءَ سان وارداتون ڪرڻ سميت قانون جي رِٽ کي به کلئي عام چئلينج ڪندي پوليس جوانن تي حملا ڪري آسانيءَ سان پنهنجن ٿاڪن تي پهچي وڊيوز بيان جاري ڪندي نظر اچن ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ پوليس اختيارين لاءِ سڀ کان بنيادي چئلينج خود کاتي اندر موجود پوليس جي وردين ۾ اهي ڏوهاري ماڻهو آهن، جن جا ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن سان واسطا آهن. ٻن مهينن کان هلندڙ “پوليس آپريشن” ۾ ڪاميابي ۽ ڪارڪردگي ته پوليس بدران ڌاڙيلن جي ٿي نظر اچي، جيڪي شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ پوليس جي دعوا موجب سخت گهيري هوندي به ڪچي جو بچاءُ بند ٽپي پڪي وارن علائقن مان ماڻهو اغوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. دراصل سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڌاڙيل فيڪٽر، اغوا انڊسٽري جا جيڪي سبب آهن، ڌاڙيلن خلاف آپريشن سان گڏ انهن سببن تي نه صرف سوچڻ پر هاڻي اعلانن بجاءِ سنجيدگيءَ سان اپاءُ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٽن ضلعن جو ڪچو هن مهل به ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن جي اهڙي “ان آفيشل” سلطنت بڻيل آهي، جتي سندن مرضيءَ کانسواءِ پوليس جو وڃڻ ته ڇا، پکي به پر نٿا هڻي سگهن. پوليس جي اعليٰ قيادت مٿان بنا حڪمت عمليءَ جي ڪيل آپريشن واري معاملي تي تنقيد پنهنجي جاءِ تي پر سچ اهو به آهي ته پوليس جوانن وٽ جديد سهولتن ۽ وسيلن جي سخت کوٽ آهي. اگر سنڌ پوليس کي جديد سهولتون ڏجن، ان مان سياسي مداخلت ختم ڪجي ته پڪ سان اهي ئي سنڌ پوليس جا جوان مڙس ٿي ميدان ملهائيندا. باقي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي دور ۾ ورتل اي پي سي چين گاڏين جهڙن خالي کوکن ۾ موڪلي مقابلي جي توقع رکڻ جلد بازيءَ ۾ پوليس جوانن کي مارائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.

شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ عروج تي پهتل لاقانونيت واري صورتحال صاف ٻڌائي پئي ته انهن ضلعن ۾ سنڌ جو گهرو کاتو توڙي سنڌ سرڪار سموري معاملي کان بلڪل لاتعلق بڻيل آهن. سنڌ ۾ هٿيارن جو فيڪٽريون ته ناهن، جتي ڳرا هٿيار ٺهندا هجن! پوءِ اينٽي ايئر ڪرافٽ، ايل ايم جي، جي- ٿِري ۽ ماٽر گولن جهڙا هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪٿان ٿا اچن؟

اسان اڳ به هنن ڪالمن ۽ اخباري ڊائرين وسيلي اها گهر ڪندا رهيا آهيون ته ٻيلن اندر ڳرن هٿيارن جي پهچ جا سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪرڻ سان ئي امن امان ٿي سگهي ٿو. گڏوگڏ انهن ٽنهي ضلعن ۾ جاري قبيلائي رتوڇاڻ جي سببن تي غور ڪنداسين ته ان ۾ به ڏوهارين جي پشت پناهي ڪندڙ نام نهاد علائقائي سردارن ۽ وڏيرن جي هٿ ۽ ملوث هجڻ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته قديم سنڌ جو “وڏيرو”، جنهن کي نه صرف امن جي علامت ۽ سنڌ جو ثقافتي ڪردار پر وڏ- ماڻهپي سبب “وڏيرو” چئبو هو، جيڪو جهيڙا ٽاريندو هو، برادرين ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍين وڇوٽين کي وڏن جهيڙن ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ صُلح ڪرائي ختم ڪندو هو پر هاڻوڪن سردارن ۽ “وڏيرن” ۾ اهي ڳالهيون خوردبين سان ڏسڻ باوجود نٿيون ملن، ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي ٽنهي ضلعن اندر قبيلائي تڪرارن ۾ ان وڏيري جي مفادن جو پاند ضرور پسيل آهي. سنڌ جي اختيارين کي عرض آهي ته سمورين مصلحتن کي هڪ پاسي رکي شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ جاري مڙني قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيده اپاءُ وٺي متاثر علائقن ۾ قانون جي عملداري قائم ڪري انتظامي فرض پورو ڪرڻ سان گڏ قبيلائي جهيڙن کي وڌائي ان مان فائدو حاصل ڪندڙ ننڍي کان وڏي وڏيري تائين جهيڙيندڙ ڌرين کي هٿيار پهچائيندڙن جا سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو ۽ جهيڙيندڙ ڌرين تائين هٿيارن جي رسد کي نه روڪيو ويندو، تيستائين سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ سبب مرندڙ ماڻهن سبب جڙيل خوني ۽ اغوا انڊسٽري خطرناڪ تعارف تبديل ٿي نه سگهندو.