ٺٽو/گھوڙاٻاري (نمائندن وٽان) صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ڳوٺ اشرف چانڊيو ۾ فوتي آمنت چانڊيو جي تڏي تي پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو چيو ته جوابدار پاران نياڻي جي لاش سان ڪيل بيحرمتي وارو واقعو افسوسناڪ آھي، جوابدار انسانيت جا ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيا آھن، ھن چيو ته جوابدار پنھنجي انجام تي پھچي چڪو آهي، نياڻي جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ٻي طرف مڪلي ۾ سول سوسائٽي ۽ باشعور نوجوانن انجنيئر فيصل خشڪ، سلامت زنئور، گلاب خان لنڊ، يونس شورو، آزاد اصغر بروهي، سالار مگسي، عنايت ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نياڻي جي لاش جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، جوابدار انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي پنهنجي انجام تائين پهچائي انصاف ڪيو آهي.