لاڙڪاڻو: جيل جي قيدين بشير شابراڻي، رياض چانڊيو، ڪرم الله چانڊيو ۽ ٻين احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ٽيليفون ذريعي صحافين کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قتل سميت مختلف ڪيسن جو قيدي موسيٰ لانگاهه کي 8 ڦاهين جي سزا ٻڌايل آهي، جنهن جي امڙ ان سان ملاقات لاءِ جيل آئي هئي. هنن الزام لڳايو ته جيل پوليس قيدي جي امڙ کي ملاقات ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ان دوران قيدي موسي لانگاهه شڪايت ڪئي جنهن تي جيل پوليس کيس ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪري کيس بدترين تشدد جو نشانو بڻائي سندس نڪ ۾ پاڻي وجهي ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ ايم پي اي نادر مگسي پاران ڪيل فيصلي تي عمل ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪو به قيدي جيل مينوئل تحت سهولتون گهري ٿو ته ان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ سندس جي ملاقات بند ڪري ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ٿو وڃي. قيدين آءِ جي جيل کي اپيل ڪئي ته جيل سپريٽينڊنٽ، اسسٽنٽ جيلر سهيل ابڙو ۽ درگاهي ابڙو کي هٽائي قيدين کي قانون موجب گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ تشدد جو نشانو بڻيل قيدي موسيٰ لانگاهه واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.