قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم ۽ قائد ايوان جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع

0
226
قومي اسيمبلي ۾

اسلام آباد: شهباز شريف طرفان قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، شهباز شريف طرفان قومي اسيمبلي۾ قائد ايوان لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، شهباز شريف ميمبرز سان گڏ پاڻ به قومي اسيمبلي سيڪريٽري وٽ پهتو آھي

وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذن ۽ ڇنڊڇاڻ جي وقتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي ڪئي وئي آھي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ  وزراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت منجهند 2وڳي آهي، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ منجهند 3وڳي ڪئي ويندي

وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ وٺڻ جو سلسلو جاري آھي، مليڪه بخاري، شاھ محمود قريشي جي لاءِ وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ ورتا آھن، مليڪه بخاري پاڻ نھ پر شاھ محمود قريشي جي لاءِ وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ ورتا ۽ جمع ڪرايا

ھي به پڙھندا

عمران خان وزير اعظم نه رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب