لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر ڀرسان مهي مڪول جي ڳوٺ حاجي چبڙ خان مغيري ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر تان ڪري 10 ورهين جو نينگر گلزار احمد پٽ زاهد احمد مغيري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.