قمبر پوليس پاران ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
178
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

قمبر (ن پ ا) قمبر پوليس طرفان ڏوهارين جي ٽولي سان ٻن ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ 2 ڏوهارين رياض چانڊيو ۽ نادر چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي قمبر سمير نور چنا جو چوڻ آھي ته قمبر شهر ٻاهران خان واه ڀرسان قمبر پوليس جو ڏوهارين جي ٽولي سان مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڏوهاري رياض چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد ٻين ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ روڊن، رستن جي ناڪا بندي ڪئي وئي ته ساڳئي ٽولي جو بٺي لنڪ روڊ تي بهرام پوليس سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ وڌيڪ ھڪ ڏوهاري نادر چانڊيو کي به زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏھن ته ٻه ڏوهاري مجاهد ۽ آصف چانڊيو فرار ٿي ويا، ايس ايس پي قمبر موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل پڻ هٿ ڪيا ويا آھن، گرفتار ڏوهارين مٿان مجموعي طور ڦرن، قتل، اغوا، چورين ۽ پوليس مقابلن جا 18 ڪيس داخل آھن جن جو وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ جاچي رهيا آھيون. هن چيو ته گرفتار ڏوهارين شروعاتي جاچ دوران 4 ڏينهن اڳ سارين جي واپاري يونس لاشاري کي زخمي ڪري لکين روپيا ڦر ڪرڻ وارو ڏوهه پڻ قبوليو آھي، جوابدارن وٽان ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آھي.