قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ: هاري ۽ آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻا

0
337
قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ: هاري ۽ آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻا
قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ: هاري ۽ آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻا

قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف هاري ۽  آبادگار رستن تي اچي ويا، باءِ پاس ۽ ٻين هنڌن وٽ ڌرڻا هنيا ويا، گاڏين جون قطارون لڳي ويون

ضلعي جي مختلف تعلقن مان هارين ۽ آبادگارن قافلن جي صورت ۾ قمبر  اچي باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٻنهي طرفن گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو  پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا هڻي رهيا هئا

 ڌرڻي کي هاري آبادگار اڳواڻن محسن علي قاضي، غلام مرتضيٰ لاشاري، عجب ٽوٽاڻي ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪڏھن ٻوڏ ته ڪڏھن سوڪ آهي آخر اهو ظلم ڪڏهن بند ڪيو ويندو

هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب  فصل تباهه ٿي رهيا آھن، گذريل سال برساتي ٻوڏ سبب ساريالو فصل تباهه ٿيو هن سال وري پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي ٻيجاري جي به پوکي ڪري نه سگهيا آھيون

 هنن چيو ته هن ضلعي جي معيشت جو دارو مدار زراعت تي آھي درياهه جي ساڄي پاسي جي شاخن ڪينالن ۽ واهن ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي، جيڪڏھن مٿان کان پاڻي جي کوٽ آھي ته نقصان به سڀني کي برابر ڏنو وڃي آبادگارن الزام هنيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ بدران بااثر زميندارن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي

هنن جو چوڻ هو ته قمبر ضلعي جي شاخن ۽ واهن مان واري اڏامي رهي آھي هن وقت سارين جي ٻيجاري جي پوکائي جي مند آھي جيڪڏھن وقت سر پاڻي نه ڏنو ويو ته ساريالي فصل جي پوکائي متاثر ٿيندي