قبو سعيد خان لڳ قبو شاخ کي ٽن هنڌن تان گهارا، پاڻي ڳوٺن ۾ داخل، لڏپلاڻ شروع

0
421

قبوسعيدخان (رپورٽ اصغرعلي کوسو ) قبوشاخ کي ڳوٺ حاجي عبدالوهاب کوسو وٽان 80 فوٽن جو گهارو ڳوٺ عبدالوهاب کوسو ، ڳوٺ سنجر جمالي ۽ نادر آباد جي طرف پاڻي گهيرو ڪندي رهواسين جا گهر ٻوڙي ڇڏيا

رهواسين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ايريگيشن عملي کي پنج ڏينهن اڳ گهاري واري جڳهه جي نشادهي ڪرائي هئي ته گهارو لڳڻ جو خدشو آهي پر ايريگيشن عملي ڪو اپاءُ نه ورتو جنهن سبب هينئر ڳوٺن ۾ پاڻي پهتو آهي ۽ غريبن جا گهر ڊهن پيامٽياري ضلعي ۾ تباهي

  ٻئي طرف ڳوٺ حاجي عبدالوهاب کوسو جي رهواسين جو ايريگيشن انجنيئر فرحان وڳڻ خلاف شهرين جو  قبوسعيدخان جي شهيد بينظير چونڪ ۾ ڌرڻو هنيو

ٻئي طرف قبو شاخ کي قبو سعيد خان شهر ڀرسان  100 فوٽن جو گهارو رهواسين پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي ٻڏڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا ايريگيشن عملو  غائب رهيو . هوڏانهن ساڳئي ئي شاخ کي ٽئين هنڌ عرض محمد بروهي سيلر وٽان به گهارو لڳو . جنهن سبب قبو شهر کان علاوه مڪمل علائقو پاڻي هيٺ اچي ويا پاڻي قبوسعيدخان جي سخي سعيدخان واري قبرستانن ۾ داخل جنهن قبرون مسمار ٿيڻ لڳا

ان حوالي سان مختلف ڳوٺن محلن جي رهواسين غلام ياسين کوسو، محمد کوسو، مولانا اصغر مگسي، در محمد فاروقي چيو ته قبو شاخ اوور ٽاپ ٿيڻ سبب قبوشاخ کي مختلف هنڌن تان گهارا لڳن پيا جنهن سبب علائقي واسي لڏپلاڻ ڪندي خوف ۾ ورتل آهن چونڊيل نمائندا به غائب آهن ايريگيشن جو عملو به گم آهي

رهواسين وڏي وزير مراد علي شاه سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقي کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايريگيشن انجنيئر فرحان وڳڻ چيو ته احتجاج ڪندڙ بليڪ ميلر آهن، برساتن سبب شاخون اوور ٽاپ ٿي رهيون آهن سڀني گهارن کي ٻڌڻ ممڪن ناهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ شهر، ڳوٺ ۽ ويڙها اُجاڙي ڇڏيا

بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري، ھزارين گھر ڊھي پيا، لکين ماڻھو متاثر