قاضي احمد (ن پ ا) سڪرنڊ شگر مل جي برطرف ٿيل مزدور يونين اڳواڻ حاجي الياس مري، محمد جمن ڏاھري، غلام حيدر انڙ، غلام قادر ڪيريو، معشوق چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن چيو ته سڪرنڊ شگر مل انتظاميا بناجواز مزدورن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته 3 سالن کان پگھارون به بند آھن، جنهن ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نوڪرين تي بحال ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃي.