قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو  هفتو پراڻو گهٽا ڏنل ۽ تشدد ڪيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي، لاوارث قرار ڏئي دفن، خبر موجب ڳوٺ آدم زرداري ڀرسان ڪيلن جي باغ مان گھٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جو لاش ھٿ ڪيو ويو، مقامي رھواسين جي اطلاع تي قاضي احمد پوليس پھچي لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب لاش7 ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي، نوجوان کي گھٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلن جي باغ ڦٽو ڪيو ويو آهي، پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ نه  ٿي سگهي آھي، هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد شھر جي سماجي اڳواڻن حاجي خان لاکو، عامر لاکو، عامر کوسو، غضنفر شاهه، جھانگير سنڌي ۽ ٻين لاش کي غسل ڪفن ڏئي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شھر جي شهيد حاجي فاضل شاھ قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس هٿ آيل ڪپڙا ۽ رت جا جزا ليبارٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيا آھن،