قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد تعلقي جي يوسي سن ۾ سم نالو اٿلڻ سبب 8 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي ڪاھيل فصل مڪمل  پاڻي ھيٺ اچي ويو، پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڪاٺڙي، حاجي محمد ڏاھري، کارجاڻي، اسحاق ڏاھري، عالم ڏاھري، ڀيڄ پاڳارا اسٽاپ ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن، جتان ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي هليا ويا آهن، متاثر ڳوٺاڻن ڊاڪٽر امان ڏاھري، وقار ڏاھري، جلال، قمبر ڏاھري ۽ ٻين چيو ته بااثر ماڻھن نوشھروفيروز، ٺارو شاهه ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي ڇوڙ ڪيو، جنهن ڪري سم نالو اٿليو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪرين مشينن ذريعي سم نالي جا ڪپر مضبوط ڪيا وڃن،