قاضي احمد (ن پ ا) ڪراچي کان حيدرآباد پھچي عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل قاضي احمد واسي نوجوان راشد سيال 12 ھين ڏھاڙي به ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ٿي سگھيو. مغوي پورھيت نوجوان جي ڪراچي ڀينس ڪالوني واري گھر ۾ بدستور ڪھرام متل آھي. ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل راشد علي سيال جي وارثن پاران ڏنل درخواست باوجود ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ملير پوليس اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن کان حد جي تڪرار سبب ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس هيل تائين مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. جڏھن ته هن محل تائين ڪنهن به چونڊيل عوامي نمائندي وارثن کي آٿت به ناهي ڏني. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان کي حيدرآباد مان زبردستي اغوا ڪرڻ کان پوءِ ڄام شورو کان سيوهڻ، لاڙڪاڻو بعد ۾ کيس ڪشمور ڪچي جي علائقي ۾ منتقل ڪيو ويو آھي.