نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاري ڪميٽي نوابشاهه جي اڳواڻ ڪامريڊ جان محمد رستماڻي پاڻ تي ٿيندڙ مبينه قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪامريڊ پير شھاب الدين، مبارڪ علي رستماڻي، ارباب رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته 9 ڏينهن گذري ويا آھن ليڪن بي سيڪشن پوليس جوابدار غوث بخش راھيجو، راوت راھيجو، علي شير راھيجو ۽ ٻين نامعلوم جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.