قائداعظم ۽ قاضي عيسيٰ ؟

0
199
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

پياري پاڪستان ۾ چڱا ۽ مٺا ڪم ٿيندا رهيا آهن ۽ آئيندي به ٿيندا رهندا. سانگهڙ جو سيشن جج ڄام صادق گرفتار ڪرايو هو ته عمران خان جي سرڪار جي دور ۾ قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جو روڄ راڙو به عروج تي رهيو. نازڪ نفيس تڏهوڪي قانوني وزير فروغ نسيم گواهي ڏني آهي ته سپريم ڪورٽ جي معزز جج خلاف وزيراعظم پاڻ متحرڪ ٿيو هو. اهڙي گواهي ايف آءِ اي جي سابق سربراهه بشير ميمڻ پڻ ڏني آهي. جڏهن ته عالي جناب عمران خان پاڻ کي لاتعلق قرار ڏيندي معذرت به ڪئي آهي. چيو اٿس ته مون کي انهي گناهه جو مرتڪب نه ڪوٺيو وڃي. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته فيض آباد ڌرڻي بابت سندس فيصلو موصوف لاءِ آزمائشن ۽ امتحانن جا سامان کڻي نروار ٿيو هو. جيترا وات تيترا تبصرا. عام طرح سان عدالتي مامرن بابت ماٺ ڀلي وارو مزاج اپنائڻ گهرجي پر هن جج صاحب ۽ سندس اهليا محترما پاڻ تي لاڳو ٿيندڙ الزامن کي ميڊيا کان ويندي لاڳاپيل فورمن تائين واهه جو منهن ڏنو آهي. لاهور رجسٽري ۾ کيس ڪيس ٻڌڻ لاءِ پنڌ ايندي ويندي تو مون به ڏٺو.

پروٽوڪول جي رسمي ڪارروائي کي هن ريت پرڀرو ڪرڻ جو رواج به نه هئڻ برابر آهي. راجسٿان جي سرحدي ريگستان ۾ هڪڙي سول جج صاحب جي وڊيو وائرل ٿي آهي. موصوف گجمير جا گڏهه چالان ڪرائي ڇڏيا. سبب اهو لائق احترام جج صاحب کي گڏهه گاڏين وارا سائيڊ ڇا جي ڪري نه پيا ڏين! ٿاڻيدار ايس پي وٽ دانهيو ته سائين گڏهن کي چالان ته عدالتي حڪم تي ڪري ڇڏيو اٿم پر لڏ ڪير ٻهاري؟ گگدام بک ٿا مرن چارو ۽ ڪتر ڪٿان آڻيان؟ هينگن سان سموري ٿاڻي کي آسمان تي کڻي ڇڏيو اٿن!. توهين عدالت جا الاهي سارا واقعا جسٽس ايم آر ڪياني جي ڪتابن “افڪار پريشان” ۽ “قاضي صاحبان ڪو ڀي قهقهي برساني ڪي اجازت هوني چاهيئي” ۾ پڙهي سگهجن ٿا. ايوب خان جي دور جو هي مشهور جج موجوده پاڪستان تي مشتمل تڏهوڪي مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو. سندس ليڪچر ڏاڍا پر اثر هوندا هئا خوش طبعي ۽ ظرافت جا ڀنڊار اهي ڀاشڻ مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ جابجا موجود آهن. قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان ٿيندڙ لکپڙهه دوران حڪومت سڳوري جي پت وائکي ته ٿي پر پريشان حال خلق خدا جو اهو عنصر جيڪو تنقيدن ۽ تبصرن تي جالي ٿو تنهن کي وافر مقدار ۾ کلڻ ۽ روئڻ جو هڪ ئي وقت جامع مواد ۽ موقعو فراهم ٿيو. انهي قبيلي جا ادنيٰ ڪارڪن اسان به آهيون. مون کي هن ايڪسرسائيز جي عرصي دوران حبيب جالب جو بيت سدائين مٿي تي سوار رهيو:

جهالت قهقهي برسا رهي هي

حڪومت شاعري فرما رهي هي

قاضي فائز صاحب سان دوبدو ملاقات جو شرف ماڻي ناهيان سگهيو. ها البت سندن برادر قاضي عظمت عيسيٰ سان چهار چشمي جي دعويٰ ڪري سگهان ٿو. قائداعظم ۽ قاضي عيسيٰ جو عنوان پڙهي اوهان اندازو ڪري ناهيو سگهيا ته اڄوڪي ڪچهري ۾ ملان ڪهڙي موضوع تي خامه فرسائي ڪرڻ پيو وڃي. سو جگر ٿام ڪي بيٺو. بئرسٽر قاضي عيسيٰ سان اوهان جي اڌوري ملاقات لاءِ سندرا ٻڌي حاضر ٿيو آهيان. سندس سوانح عمري جو خاڪو موصوف پاڻ لکيو آهي. قائداعظم جي ڊرائيونگ ڪندي قاضي صاحب برصغير جا ساڍا چار لک ڪلوميٽر سفر وارا سير سپاٽا به خوبصورت نثري بيان ذريعي منظرعام تي آندا آهن. لکي ٿو: مون 1938ع ڌاري بار ايٽ لا ڪري انگلستان کي الوداع چئي هندستان ڏانهن ورڻ جي ڪئي. جواني ديواني چيو ته هندستان گهمي ڏسجي. پالڻ پور جو نواب منهنجو پڳ مٽ يار هو. سندس دعوت تي کوکرو پار واري راجا ريل ۾ چڙهي ٻاهڙمير-اجمير ٽريڪ تي سمنڊري جنڪشن تي لٿس. اتان پالڻ پور لاءِ بڙودا ايڪسپريس وسيلي پالڻ پور پهتس. شڪار ٻڪار کان فارغ ٿي نواب صاحب جي سرواڻي ۾ وڃي بمبئي پهتاسين. ريس ڪورس جي گرائونڊ تي هڪڙي دٻلي پتلي باوقار ماڻهو سان هزهائنس منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. اها قائداعظم سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. بلوچستان سان منهنجي نسبت ٻڌي جناح صاحب چيو ته نواب صاحب! هي نوجوان اسان جي حوالي ڪريو.

ٻي ڏينهن اسان کي مانجهاندي تي سڏيائين. گهڻو ئي گهت هڻڻ جي ڪيم پر سج کٽي يا ٻج کٽي جيان قائداعظم ساندهه ست ڪلاڪ بلوچستان جي حوالي سان مون سان ڪچهري ڪئي. نيٺ هٿيار ڦٽا ڪيم ۽ مسلم ليگ جي تنظيم ڪاري جي حامي ڀري اٿيس. ڪوئيٽا پهچي مون مولانا ظفر علي خان کي لاهور مان گهرائي سموري پرڳڻي جو طوفاني دورو ڪرايو. سوين تنظيمي باڊيون جوڙي ورتيون سين. هتان نسيم حجازي کي به ميدان تي لاٿوسين. زميندار اخبار ۾ “بلوچستان چل” جي عنوان سان ليک ڇپجڻ لڳا. ستن اٺن مهينن کانپوءِ دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ قائد اعظم جا اهي لفظ ٻڌي سمورا ٿڪ لهي ويا: صرف بلوچستان اهڙو علائقو باقي بچيو هو جتي ليگي تنظيم نالي ماتر به ڪونه هئي. پر هڪڙي سهڻي سيبتي جوان ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي. بلوچستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اسان جي سياسي سوچ کي سرخاب جا پر لڳي چڪا آهن. ماڻهن مطالبو ڪيو ته قاضي عيسيٰ جو درشن ڪرايو. آئون پوين سيٽن تي ويٺو هئس. قائداعظم اڳتي اچڻ جو چيو. جيئن آئون اسٽيج ڏانهن وڌيس پئي ته نعرن جا فلڪ شگاف آواز پنهنجي واهه واهه تي منهنجي وجود کي گد گد ڪري رهيا هئا. چاڙهيون پئي چڙهيس ته نواب ڇتاري اچي ڀاڪرن ۾ ورتو.

پوءِ ته سمورا اڳواڻ واري واري سان منهنجي ماٿي کي مٺيون ڏيڻ لڳا. آئون گول مٽول سرخ مهانڊي سان ولايتي سوٽ ۾ ملبوس هئس.  همراهن جناح صاحب کي چيو ته توهان جڏهن قاضي صاحب جي ڪم کي واکاڻيو پئي تڏهن اسان کي ايئن پئي لڳو ته همراهه سراوان ۽ جهالاوان جو سردار هوندو. پڳ ۽ سلوار به سورهان سورهان والن واري هوندس هي ته ننڍو نيٽ نيگرڙو آهي. “يه منهن اور مسور ڪي دال” جيان اسان کي حيراني ٿي آهي، پر جڏهن قائداعظم پاڻ پيو سندس ساراهه ڪري ته اسان کي به سندس واکاڻ ڪندي ٻرو ڪونه ايندو. لاهور واري قرارداد جي تائيد ۾ مون 1940ع واري منٽوپارڪ سيشن ۾ ٽي منٽ ڳالهايو هو. قائداعظم جي موجودگي ۾ اها منهنجي پهرين تقرير هئي. سال کن جي وقفي سان بمبئي ۾ اجلاس ٿيو. هندستان جا چوٽي جا مقرر ڏهه ڏهه منٽ واري طئي ٿيل وقت دوران ڳالهه مڪمل ڪندا ويا. منهنجو وارو آيو ته مون ڪانگريسي اڳواڻن ۽ پنجاب جي يونينسٽ ليڊرن جي الزامن جا جواب “ڪاش منهنجو ليڊر ڊڪٽيٽر هجي ها” جي سري هيٺ ڏيڻ شروع ڪيا. مقرره ٽائيم تي اسٽيج سيڪريٽري نوابزاده لياقت علي خان چيو ته هاڻ جند ڇڏ. لکن جو جلسو هجي. ماڻهن جا هوڪرا ۽ ڪوڪرا هجن. قاضي کي ڳالهائڻ ڏيو. جيئن  تيئن ڪري مون 40 منٽ وٺي ڇڏيا. پنهنجي جاءِ تي ويٺس ۽ پيشاني جو پگهر پئي اگهيم ته جناح صاحب پاڻ وٽ گهرائي تقرير جي وڻڻ بابت هن ريت گويا ٿيو:

“تنهنجو انداز به عوامي آهي. اظهار مافي الضمير تي عبور به رکين پيو. انداز بيان وڻيو پر عنوان سان آئون متفق ناهيان” ٻئي ڏينهن شيڊول مطابق منهنجي تقرير ڪونه هئي. قائداعظم فرمايو ته تون ضرور ڳالهاءِ. معذرت ڪئي مانس چيم ته عزت رهي آئي هاڻ مواد به ڪونه اٿم ته اهو ساڳيو تسلسل به برقرار رکي متان نه سگهان. قائد فرمائشي چٺيون ڏيکاريندي چيو ته: مستورات جي مطالبن کي مڃتا ڏي. نه ته آئون اعلان ٿو ڪريان ته جيڪي قاضي عيسيٰ جي تقرير ٻڌڻ جون گهوريون آهن سي مدراس واري جلسي ڏانهن پنڌ پون. اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي مولانا ظفر علي خان جيان ولوله انگيز تقرير ڪرڻ لاءِ ميدا ۾ اچڻو پيو.

آسام مسلم ليگ جي اجلاس ۾ جناح صاحب  مون کي پنهنجي عيوضي طور موڪليو. مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني صوبائي ليگ جو صدر هجي. جڏهن ته سر سعدالله خان وزيراعظم هو. ان زماني ۾ بنگالي مسلمان آسام ڏانهن ڌڙاڌڙ لڏ پلاڻ ڪري رهيا هئا. سر صاحب ۽ مولانا جا اختلاف ان ڳالهه تي ٿيا هئا ته آسام جا هندو ميمبر اڪثريت ۾ هئا. تن ٺهراءُ پيش ڪري رياست جي پاليسي جوڙائي ڇڏي ته فلاڻي هنڌ کان اڳتي مسلمانن جي داخلا تي بندش آهي. انهي فيصلي کي لائن سسٽم جو نالو ڏنو هئائون. هندن جو خيال هو ته جيڪر اها رفتار رهي ته آسام مسلم اڪثريتي پرڳڻو ٿي ويندو. سعدالله خان مولانا ڀاشاني جي حمايت ٿو ڪري ته سرڪار ٿي وڃي. مون جيئن تيئن ڪري مولانا کي راضي ڪيو ۽ همراهه کير کنڊ ٿيا. شير بنگال مولوي اي ڪي ايم فضل الحق جنهن قرارداد لاهور پيش ڪرڻ جو شرف ماڻيو هو، سو مسلم ليگ کان بيزار ٿي جوشياما پرشاد مڪرجي سان ملي ويو. دال ڪانه ڳريس. هن نواب اسماعيل خان چوڌري خليق الزمان ذريعي قائداعظم سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر جناح صاحب سان ملي نه سگهيو.

منهنجو دوست هو. آئون به دهلي ۾ هجان. مولانا چاندني چوڪ واري ڪارونيشن هوٽل ۾ ترسيل هجي. مون کي چيائين ته تون منهنجا رابطا بحال ڪرائي سگهين ٿو. کائنس قائداعظم ڏانهن هٿ اکرن سان خط لکرائي وڃي جناح صاحب سان مليس. تون چئين ٿو ته ملي ٿا وٺون پر نواب اسماعيل خان ۽ چوڌري صاحب کي مطمئن ڪجان. شير بنگال مليو. اخبارن ۾ خبرون لڳيون. مولانا ترديدي بيان ڏنو. آئون ڪوئيٽا اچي چڪو هئس. مون سندس هٿ اکر اخبارن کي جاري ڪري شيربنگال کي “جو تم ڪروگي سو هم ڪرين گي” وارو جواب ڏنومانس. قائداعظم ناراض ٿيو. خط مون ڏانهن لکيل هو تو ڪيئن جاري ڪرڻ جي جرئت ڪئي. مون وضاحت ۾ چيو ته هن هڪ ڪاپي منهنجي نالي به رواني ڪئي هئي. هڪ ڀيري 10 اورنگزيب روڊ دهلي ۾ آل انڊيا سطح جي ميٽنگ ۾ پاڪستان جي گادي واري هنڌ لاءِ مشورا پئي هليا. مون چيو ته نالي جي مناسبت سان پاڪ پتڻ شريف کي اهو شرف ملڻ گهرجي ۽ ڍاڪا ۾ به دارالحڪومت بڻائجي. خانبهادر کهڙي چيو ته ڪراچي کي دارالخلافه بڻائجي. مون سان دوستي هئس. چيومانس ته ايوب کهڙا! پنهنجي پير تي ڪهاڙو نه هڻ. ڪراچي ۾ ننڍي کنڊ جي ليڊرشپ پهچندي تڏهن توکي مون کي ڪير ليکيندو به ڪونه.

سنڌ جي سيد گروپ 1946ع واري ڀنڊي ٻاري. قائداعظم طرفان پهرين سردار عبدالرب نشتر ۽ پوءِ نوابزادي لياقت علي خان جي سربراهي ۾ مذاڪراتي وفد جي ايم سيد صاحب سان ملڻ آيا. سيد تتو پيو هو. مون کي گهرايو ويو، سيد کي چيومانس ته “توهان سنڌ بمبئي کان واپس ورتي ته مسلم ليگ اوهان جي مدد ڪئي. توهان پاڪستان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو، جڏهن ته پوري ننڍي کنڊ منجهان ٻيو ڪو به پرڳڻو ايئن ڪري ڪونه سگهيو. هاڻ توهان ويهن سالن واري محنت تي پاڻي نه ڦيريو. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ انگريز وڃي پيو. ورهاڱو اڻٽر آهي. اوهان کي سنڌ جا مفاد عزيز آهن ته پوءِ ماضي جي تسلسل کي برقرار رکو. اهو اوهان جي هٿن سان ٺهيو آهي. هاڻي جي هن جو ٺانٺو ڦٽائيندا ته سنڌين لاءِ ان جا نتيجا بهتر ڪونه نڪرندا. وڌيڪ وس وارا آهيو.” سڳوري سيد ڏنڊ ڪرٽي اٺ ڏهه مغلظات عنايت ڪري مون کي رکو جواب ڏنائين. قائداعظم ۽ قاضي عيسيٰ وارو دلچسپ تذڪرو طويل آهي. اوڻويهه جون اوڻويهه سئو ڇهتر تي قاضي عيسيٰ گذاري ويو. سندس فرزندان ارجمندان جا ناناڻا ڀوپالي آهن. سندن مامو جنرل شاهد حامد قائداعظم جو اي ڊي سي هو.