فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد جي هوٽل ۾ انجنيئرز پاڪستان جي تقريب ۾ ماڻهو ماني تي ڪڙڪي پيا، ڪنهن جي هٿ ۾ چمچ آيو، ڪوئي پليٽ سان ڊيش خالي ڪندو رهيو ته ڪي وري هٿ سان ئي پليٽ ڀريندا رهيا، ماني دوران ڪنهن کي به ڪورونا ايس او پيز ياد نه رهيون، سماجي فاصلو به نظرانداز ڪيو ويو، تقريب 3 ڏينهن اڳ مقامي هوٽل ۾ ٿي هئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.