فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي: شيخ رشيد

0
33
فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي: شيخ رشيد
فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي: شيخ رشيد

اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي

 اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد جي عدالت ۾ حاضري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته صنم جاويد، عاليه حمزه ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي آزاديءَ جي اپيل ڪيان ٿو، بي گناهه ماڻهن جو انگ وڏو آهي ۽ عدالتون ڪيس هلائڻ لاءِ ٿوريون ٿي پيون آهن

شيخ رشيد احمد چيو ته منهنجي درخواست آهي ته هن عيد تي عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي، اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن

 شيخ رشيد سياسي اڳڪٿي ڪندي چيو ته ايندڙ 45 ڏينهن اهم آهن، ملڪ ۾ هاڻي سياسي فيصلا ٿيندا، ماڻهو ڏاڍا تنگ آهن، ملڪ مان سيڙپڪار ٻاهر پيا وڃن ته ٻاهريان سيڙپڪار ڪيئن ايندا