فوج جي اندران معاونت جي الزام جي ڪارروائي هلي رهي آهي: اٽارني جنرل جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان

0
225
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ جاري آهي، اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته اٽارني جنرل چيو ته هاڻي جيڪا ڪارروائي هلي رهي آهي اها فوج جي اندران معاونت جي الزام جي آهي

جسٽس منيب اختر جو چوڻ هو ته رڳو جنگ ۽ جنگي حالتن ۾ ڪنهن شخص جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، بنيادي حق معطل  نه هجن ته سولين جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ نه ٿو ٿي سگهي

جسٽس يحيٰ آفريدي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ ايس پي آر جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس مان صورتحال بلڪل واضح آهي، ڇا سولينز جو اندروني تعلق جوڙيو پيو وڃي؟

، اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته اٽارني جنرل چيو ته هاڻي جيڪا ڪارروائي هلي رهي آهي اها فوج جي اندران معاونت جي الزام جي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران آءِ ايس پي آر پاران 102 ماڻهن جي ٽرائل جي ڳالهه ڪئي وئي، اٽارني جنرل ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيانن ۾ تضاد آهي

 اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته مان اڄ به پنهنجي بيان تي قائم آهيان، اڃا تائين ڪنهن سولين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل شروع نه ٿيو آهي

ڍ چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اٽارني جنرل اسان کي توهان کي ڳالهه تي يقين آهي، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي هلائي رهي آهي

هي به پڙهندا

ڇا وزيراعظم کان پڇون ته ڪنهن جي رشتيداري جي بنياد تي اعتراض ڇو ڪيو ويو؟ چيف جسٽس