اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري، سينيٽر فلڪ ناز چترالي، فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم،  اسد قيصر جي به ضمانت منظور، اسد عمر ۽ سيف الله نيازي سان وڪيلن ۽ وارثن جي ملاقات جي اجازت ڏني وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪ ناز چترالي کي اڊيالا جيل ٻاهران آزادي کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، ٻنهي عورت اڳواڻن کي اسلام آباد پوليس  اهلڪارن گرفتار ڪيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت نظربند ڪرڻ جا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا،   اسلام آبادهاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي نظربندي کي غيرقانوني قرار ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، فواد چوڌري جڏهن گهر واپسي لاءِ پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو ته کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فواد چوڌري پوليس کي ڏسي گاڏيءَ مان لهي هاءِ ڪورٽ ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو، جنهن دوران بيحال ٿي ويو، وڪيلن کيس سهارو ڏنو، پاڻي به پيئاريو، پي ٽي آءِ جو سينيئر اڳواڻ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ ڊوڙندو هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي ويو، جسٽس ميان گُل حسن جي عدالت ۾ روسٽرم تي اچي فواد چوڌري چيو ته ٻاهر پوليس وري مون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جسٽس ميان گُل حسن چيو ته توهان پاڻ پريڪٽشنر آهيو، لکت ۾ حڪمنامي جو انتظار ته ڪريو ها، توهان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪريو ۽ حڪمنامو وٺو، فواد چوڌري جي درخواست تي عدالت کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت چيو ته اسلام آباد جي حدن ۾ فواد چوڌري کي ڪنهن به ڄاتل يا اڻڄاتل ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته سڄي ملڪ ۾ 8 هزار ماڻهو گرفتار آهن، آرمي ايڪٽ تحت داخل ڪيسن تي هن چيو ته پنهنجن ماڻهن خلاف ڪيئن ڪيس هلائيندا؟ سياسي پارو گهٽ نه پيو ٿئي، سي آءِ بلڊنگ ۾ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو ويو، ٻئي طرف اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي به 7 ڏينهن جي ضمانت منظور ڪئي وئي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نظربند ٿيل اسد عمر سان وڪيلن جي ملاقات جي اجازت ڏني، درخواست ۾ آزادي ۽ طبي معائني جي به استدعا ڪئي وئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽر سيف الله سان به وارثن جي ملاقات جي اجازت ڏني.