فهد مصطفيٰ ۽ ثنا جي پراڻي تصوير وائرل ٿي وئي

0
213

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ ۽ سندس گهرواري ثنا جي پراڻي تصوير وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب اداڪار فهد مصطفيٰ جي گهرواري ثنا مصطفيٰ 11 سال اڳ جي تصوير شيئر ڪئي، تصوير ۾ فهد ۽ ثنا موڪلن دوران پرڏيهه ۾ گهمندي نظر اچن ٿا. تصوير ڪجهه منٽن ۾ ئي وائرل ٿي وئي جڏهن ته صارفين جوڙي کي نه رڳو مبارڪون ڏنيون پر سندن سموري حياتي ساٿ لاءِ دعائون پڻ گهريون. واضح رهي ته فهد مصطفيٰ ثنا سان 11 سال اڳ پسند جي شادي رچائي هئي ۽ جوڙو انتهائي خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهي.