ڪراچي (ن پ ا) پي ايف يو جي پاران
اعلانيل ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ ميڊيا هائوسز تي حملن خلاف حيدرآباد ۾ ايڇ يو جي پاران صدر جئه پرڪاش موراڻي، جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر اقبال ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ عبدالڪريم شيخ، غلام نبي ڪيريو، پريس ڪلب جي صدر مظفر رند ، عبدالجبار بلوچ ، انصار خان جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.نوشھروفيروز ۾ يونين آف جرنلسٽس پاران پريس ڪلب آڏو راڻا شير محمد، مظهر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ سول سوسائٽي پاران الطاف گاڏھي، عبدالعزيز جمالي، منير آرائين، قلندر بخش پنهور, اسحاق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فلسطينن جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.سکر جي صحافين طرفان سکر پريس ڪلب ۽ گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڌاٻيجي ۾ مقصود احمد جوکيو، قاري فياض، ارسلان احمد، آصف جوکيو، امين فاروقي، آدم ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.فقيرآباد ۾ ڪوٽڏيجي يونين آف جرنلسٽس جي صدر ھريش ڪمار، محمد بخش راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.گمبٽ ۾ صحافين صفدر سهتو، ڪشور ڪمار، ميان نذير احمد اڄڻ،درمحمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اوٻاوڙو ۾ قلم ڌڻين قاري ابو اويس سيٺار، اسلم شر، راحب مھر، اڪبر کنب، محمدعلي سپيو، عبدالغفار سپيو، پپوملڪ احتجاج ڪيو. نوابشاهه ۾ صحافين نوابشاهه پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڏوڪري ۾ زبير احمد، منير احمد، حاڪم علي سرگاڻي ۽ ٻين پاران مظاهرو ڪيو ويو. شھدادڪوٽ ۾ ڪجلو خان مغيري، شاھجھان مگسي ۽ ٻين احتجاج ڪيو.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ هڪ ڀيرو وري جنگي حملا ڪري مظلوم فلسطينين جو قتل عام ڪري رهيو آهي. هر روز اسرائيلي بمباري ۾ معصوم ٻارڙن سميت فلسطيني شهرين کي ماريو پيو وڃي. هنن چيو ته فلسطين جي سرزمين تي رت جي راند کيڏندڙ اسرائيل خلاف اڃا تائين عالمي برادري ايڪشن ناهي ورتو ان ڪري اسرائيل فلسطين تي جنگي حملا جاري رکڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسرائيل فلسطين جي سرزمين تي وحشيت ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو ميڊيا هائوسز کي نشانو بڻائي ظلم جون سموريون حدون پار ڪري چڪو آهي پر پوءِ به عالمي برادري خاموش بڻيل آهي.