فلائينگ سک جي نالي سان مشهور ڀارتي ايٿليٽ ملکا سنگهه ڪورونا وگهي فوت

0
427

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلائينگ سک جي نالي سان مشهور ڀارتي ايٿليٽ ملکا سنگهه ڪورونا سبب 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ملکا سنگهه ايشين گيمز ۾ 4 سون جا تمغا حاصل ڪيا ۽ 1960 جي روم اولمپڪس ۾ 400 ميٽرن جي ڊوڙ ۾ چوٿون نمبر رهيو هو. 2013ع ۾ سندس زندگي تي بالي ووڊ جي فلم بهاگ ملکها بهاگ ٺاهي وئي هئي. ملکا سنگهه جي گهرواري نرمل ڪور جيڪا پڻ ڀارتي والي بال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان هئي سا به هن هفتي ئي 85 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي هئي.