فصل بچائڻو آهي پاڻي ڏيو: سنڌ حڪومت جو ارسا کي ٻيهر خط

0
198
فصل بچائڻو آهي پاڻي ڏيو
فصل بچائڻو آهي پاڻي ڏيو: سنڌ حڪومت جو ارسا کي ٻيهر خط

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا چيئرمين کي احتجاجي خط لکي ڇڏيو

آبپاشي کاتي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته خريف جي مند ۾ 91 ٺاهه تحت پهرين اپريل کان 20 مئي تائين پنجاب صوبي کان 14 سيڪڙو وڌيڪ کوٽ ڏني وئي

ڊائريڪٽر ريگيوليشن سنڌ موجب خريف جي مند ۾ ٿري ٽيئر فارمولا تحت به پنجاب کان 9 سيڪڙو وڌيڪ کوٽ سنڌ کي ڏني وئي

سنڌ حڪومت موجب 10 جون کان اڳ سنڌ ۾ حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن خريف جي فصل کي بچائي سگھجي، 31 مئي 2022 جي انگ اکرن موجب پنجاب رڳو 34 سيڪڙو ۽ اپريل مهيني ۾ 31 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏنو

خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 42 سيڪڙو اپريل ۽ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ مئي مهيني ۾ کوٽ کي منهن ڏنو آهي