غلطِيُون، غلطِيُون ناهن!

0
163
ادب جو ادب !

 ماڻھو جو انسان ٿيڻ تائين جو ڊگھو ۽ وسيع داستان آھي. اهڙو ڪاروهنوار اڄ سوڌو جاري ۽ ساري آھي. گهڻن جو خيال اهو رهيو آھي ته “ماڻھو جو ماڻھُو رهڻ ئي بهتر  آهي.” ايئن به ممڪن ناهي، وقت ۽ دور جون تقضائون، رحجان، شعوري ۽ فڪري حالتن هٿان مجبور هونديون آھن! اُھي سمورا مظھرَ ۽ لقاءُ چاهين ٿا ته ماڻھو ماڻھو نه رهن. اُھي انسان جي انسانيت کي وڌيڪ پسند ۽ اهميت ڏيندا آھن. انسان ۾ گهڻا اهڙا گُڻ آھن، جيڪي سٺا ۽ بهترين چيا وڃن ٿا. ان کان به وڌيڪ اهڙا به سڀاءُ آھن، جيڪي پنهنجي جوهرَ ۾ بظاهري طور آھن ته خراب پر اُھي اڪثريتي راءِ جي حق ۾ اڳڀرا بيٺل نظر ايندا آھن.

ماڻھن باھُه پيدا ڪئي، ماڻھن پهاڙ ڀڃي ڀورا ڪيا، ماڻھن علم ادب جي آڪاس کي پنهنجي شعوري اڏام ذريعي فڪري روشني سان جرڪايو! ماڻھن انساني زندگين جو به چڱو خاصو نقصان ڪيو، بم، گولا، بارود انسان جي عقل جي پيداوار چيا وڃن ٿا! ماڻھن آسمان ۾ جَٿي جي شڪل ۾ اڏامڻ سميت، ڪائنات جي سموري وايو منڊل جي منجهيل سوالن بابت سوچڻ شروع ڪيو. ماڻھو گروھه جي شڪل صورت ۾ رهڻ لڳا، بعد ۾ سماج اڏجڻ لڳا. جڏھن سماج مڪمل ٿيا ته تهذيبن جنم ورتو! پر انهن سمورن حالتن جي عظيم وهڪرن ۾ انسان ۾ ڪجھه اهڙيون شيون، پرڪار ۽ لڇڻ ساٿ ساٿ رهيا، جيڪي ڪڏھن بدلجي نه سگهيا پر تبديل ضرور ٿيندا رهيا پنهنجن پنهنجن حالتن جي هٿان. چيو وڃي ٿو ته “انسان ۾ اهڙيون شيون هجڻ ئي انسان هجڻ جو ثبوت ڏين ٿيون”. پهاڙن جو ماڻھو عقل، فھم ۾ ايترو اڳڀرو ۽ سوڀارو نه هو. ان وقت پيٽَ جي پوڄا لاءِ ڀوڄن ئي سندس پهرين ۽ آخري ترحجيات هوندي هئي! انهن کي آرام جي خواھش به نه هوندي هئي. انهن کي فقط شڪار جي تاڙَ ۽ اُٻس هوندي هئي! اهو به چيو وڃي ٿو ته “شڪاري ذھن ڪڏھن فطرت کي سمجهي، پرکي ۽ پروڙي نه سگهيو آھي! شڪاري ذھن فطرت جو دوست نه ٿي سگهيو آھي” ٿي سگهي ٿو اِھو سچ به هجي، پر سئو سيڪڙو سچ به ڪونهي.

هڪ يوناني چوڻي آهي ته “اوهين جيڪڏهن غلطيون ڪرڻ نٿا چاهيو ته اوهان لاءِ ضروري آهي ته، ڪجھه به نه ڪريو” ڇو ته ڪو به انسان غلطين کان پاڪ ۽ صاف نٿو ٿي سگهي. هر انسان جي شعوري ارتقا ٿئي ٿي، جيڪو غلطيون، گناهه ۽ خطا پڻ ڪري ٿو. پر سڀ کان اهم ڳالھه اھا ئي وڃي بيهي ٿي ته اوهان انهن غلطين ۽ خطائن منجهان سکي پنهنجي شعوري پنڌ کي اڳتي کڻي هلو ٿا يا نه. باقي جيڪڏهن ڪير به ايئن چوي ته “مون پنهنجي زندگيءَ ۾  غلطيون ڪيون ئي ناهن” ته اهو سمجهڻ  گھرجي ته ان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪيو ئي ڪونهي!

يوناني علم، ادب، ڏاهپ، فلسفو، تنقيد ۽ تاريخ ۾ هونئن ته اڳڀرا رهيا آھن، پر اُھي اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ به اهڙا ڪمال خيال ۽ تصور رکندا هئا، جيڪي هن دور جي اهلِ شعور جي زبان جا عظيم گيت بڻيل آھن. يونان جي هڪٻئي ڏاهي چيو ته “ غلطيون ئي درستگيون ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون! جيڪڏھن غلطيون اوهان لغت، ذھن ۽ عمل کان جدا ڪري ڇڏيو ته درستگيون فوت ٿي وينديون.” اِھو ڏاهو افلاطون آھي، جنهن اهو اقرار به ڪيو ته مون پنهنجي زندگي جي شعوري سفر ۾ سڀ  کان وڌيڪ غلطيون ئي ڪيون آھن.

ٿوري دير لاءِ افلاطون سان سهمت ٿي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو غلطيون اُھي جيڪي درستگي جي قابل هجن. غلطين جا کوڙ قسم طور ۽ طريقا رائج آھن. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو خودڪشي کي به غلطي چون ٿا پر اُھا سوچيل سمجهيل هڪ حالت ۾ پاڻ کان آزادي جو عمل هوندو آھي! انفرادي طور آزادي جو انوکو فيصلو هوندو آھي. ماڻھو ڪڏھن ڪڏھن غلطيون سوچي سمجهي ڪري ڇڏيندا آھن! اُھا بعد ۾ غلطي چئي وڃي ٿي. غلطيون اُھي جيڪي بنا ڪنهن خواھش جي نروار ٿين، ۽ بعد ۾ اُھي تصحيح جو تارو ٿي اُڀرن.

پائلو جي جڳ مشهور ناول “الڪيمسٽ”۾ هڪ هنڌ ٻڪراڙ جي ڪردار کي ڏاهو ماڻھو نصيحت ڪري ٿو ته “ مسلسل جدوجهد ئي انسان کي ڪاميابي طرف ڌڪي ويندي آھي. انسان وهمن، وسوسن ۾ به ايمان رکي ٿو، ته عمل ۾ به رکي ٿو. اوهان کي جدوجهد جي دڳ تي گهڻا موڙ اهڙا به ملندا جتي اوهان غلطيون ڪرڻ جي حالت ۾ هوندو! پر اُھا حالت به ڪاميابي طرف گامزن هوندي آھي، اوهان کي اوهان جي غلطي بابت اهڙو ادراڪ هئڻ گھرجي، ته غلطي ٿي آھي، پر ان غلطي کي غلطيون ثابت ڪرڻ لاءِ تصحيح جي مادي جو ادراڪ لازمي ۽ ضروري آھي! ڇاڪاڻ جو غلطيون ئي اوهان کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو بڻائينديون آھن ۽ اوهان جي جهول ۾ ڪاميابيون به ڏياريندون آھن ته ٿوري دير لاءِ حساسيت کي به پيدا ڪن ٿيون.

وليم جيمس ڊاڪٽر وِل ڊيورانٽ چيو هو ته “انسان سئو سيڪڙو ڪامياب فقط غلطين ڪارڻ ئي ٿيندو آھي.” هِن جو خيال هو ته غلطيون انساني زندگيءَ جو بهترين ۽ دماغي حصو آھن. ول ڊيورانٽ پنهنجي زندگي جو هڪ واقعو لکي ٿو ته “ مان جڏھن ننڍو هوندو هئس ته طبيعت ۾ صفا ماڻيٺو هوندو هئس. اسڪول ۾ گهڻا ڀيرا ٻين شاگردن هٿان مار ملي، پر مان ڪڏھن انهن کي واپس ڌڪ نه هنيو. جڏھن سمجهھ لائق ٿيو هئس ته سڀ مونکي سٺو چوندا هئا، مون سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته معلوم ٿيو اوهان غلطي سان ڪڏھن ڪنهن کي تڪليف نه ڏني. تڏھن مان تعجب ۾ پئجي ويندو هئس ته جيڪڏھن مان غلطي ڪئي ئي ناهي ته مونکي ماڻھو ڪامياب انسان ڇو ٿا چون!؟ مان اڄ به اِھو دَعوا سان چوان ٿو ته مون ذاتي مشاهداتي زندگي ۾ ڪافي ڀيرا غلطيون ڪيون آھن! پر  اُھي غلطيون، تڏھن غلط نه بڻجيون جڏھن مون غلطين کي مدنظر رکندي انهن مان درستگين جو سبق حاصل ڪيو”.

ڏٺو وڃي ته هر ماڻھو غلطين جو شڪار بڻبو رهي ٿو. هر ماڻھو پنهنجي روز مرھه جي زندگيءَ ۾ غلطيون ڪري ٿو، پر انهن غلطين خامين تي نظر رکڻ وارا ٿورا ئي ماڻھو ليکيا وڃن ٿا. جيڪي غلطين مان غلطيون ڪڍي انهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيندا آھن! گهڻا ماڻھو اهو تصور به نه ڪندا آھن ته خامين مان غلطيون جنم وٺن ٿيون. “مشاهداتي زندگين ۾ غلطين کي عظيم اهميت حاصل آھي”. اُھي ماڻھو سوچ ويچار ڪن ٿا ته غلطي جو ازالو درستگي ئي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪي غلطيون اهڙيون هونديون آھن جن کي پورا دور درست ڪرڻ ۾  لڳي ويندا آهن! ڪريٽو جي ڳالھه سقراط ٻڌي ها ته شايد اڄ جو سچ ڪوڙ هجي ها. سقراط هيملاڪ ئي پيتو. ڪريٽو سڄي ڄمار چوندو رهيو ته سقراط وڏي غلطي ڪئي! منهنجي چوڻ تي آزاد ٿي اٿنيس شهر ڇڏي وڃي ها ته ڀيانڪ موت نه ٿئي ها! سقراط کي معلوم هو ته هيملاڪ مون لاءِ ڊگھي ۽ لازوال ڄمار جو جيئدان آھي! ڪريٽو جي اهڙي غلطي واري سوچ کي اڄ هزارين سالن بعد به غلط تسليم ڪيو وڃي ٿو ته “سقراط لاءِ ڪريٽو جي آزادي واري ڳالهه غلطي هئي! اهڙي غلطي جنهن جو ازالو ممڪن نه هو”.

“غلطين بابت پڇتاءُ غلطين سان زيادتي ۽ ان جو فڪري موت آھي”. غلطين کي پرک، پروڙڻ واري عمل کي ذاتي اجتماعي ۽ انفرادي تنقيدي شعور چئي سگهجي ٿو! ماڻھو جڏھن پاڻ کي جنجهوڙي ٿو، پنهنجي عملن ۾ پيهي وڃي ٿو تڏھن ئي ماڻھو کي ڄاڻ پئي ٿي ته غلطي ٿي چڪي آھي! غلطي پرکڻ هڪ حالت آھي، غلطي کي درست ڪرڻ هڪ عظيم عمل آھي.

غلطيون خراب به آھن، ته هيبتناڪ به آھن. خراب تڏھن آھن جڏھن اُھي ماڻھو پنهنجي زندگي ۾ پرکي اڪلائي نه سگهندو آھي! ڪي غلطيون ثابت ٿيندي ٿيندي غلط ٿي پون ٿيون…انهن غلطين کي غلطي چوڻ به غلط آھي! ڇاڪاڻ جو سڌريل مشاعرن ۾ غلطيون معنيٰ درستگي آھي، جيڪڏھن غلطي کي غلطي ئي رهڻ ڏنو ويو ته اُھا غلطي، غلطي نه رهندي! ان جي جاءِ غلط وٺي ويندو. ڏاهن جو چوڻ آھي ته “غلط ڏوھه ۽ گُناھه آھي” ڇاڪاڻ جو غلط عمل فقط احساس ڏياريندو، احساس به جڏھن ٿيندو تڏھن ان حالت مان حاصلات ملندي. غلطيون ڪرڻ جي خواھش به خراب شيءَ آھي، ڇاڪاڻ جو غلطيون سوچيل سمجهيل حالت ۾ ممڪن ناهن، اُھا اڻڄاڻائي آھي. غلطيون فقط اُھي جيڪي بنا ڪنهن دعوت جي جاڳي پون ٿيون. غلطيون اُھي ئي چئبيون جيڪي درستگي لاءِ ڪر کڻي اٿي بيٺل نظر اچن. جرمن فلاسافر فيڊرڪ نِيٽشيءَ چيو ته “ڪمزور ماڻھو غلطيون سمجهي ناهن سگهندا، ڇو ته اُھي غلطين مان درستگي جي اميد نه ٿا رکن.

ڪاشيه ته ايئن به چيو ته “غلطيون ڪرڻ سکو! ڪامياب ٿي ويندو”.

غلطيون ڪرڻ بُرو عمل ضرور آھي! پر غلطيون ٿيڻ ۽ بعد ۾ انهن غلطين مان سبق نه سکڻ هڪ ڀيانڪ ۽ خراب عمل ضرور آھي.