رياض (م ڊ) گذريل سال وانگر هن سال به خانه ڪعبه جي غلاف کي پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو، عرب ميڊيا موجب غلاف ڪعبه جي تبديلي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، هن سال غلاف ڪعبه جي تياري ۾ 120 ڪلو سون، 100 ڪلو چاندي ۽ 670 ڪلو ريشم استعمال ڪيو ويو آهي، سون ۽ چاندي سان غلاف ڪعبه تي قرآني آيتون موهيندڙ انداز ۾ لکيون ويون آهن، غلاف ڪعبه جي سلائي ۾ نهايت تربيت يافته ۽ اعليٰ مهارت رکندڙ ڪاريگرن حصو ورتو، غلاف ڪعبه عمومي طور تي 16 ٽڪڙن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي ڊيگهه 50 فوٽ ۽ ويڪر 35 کان 40 فوٽ جي وچ ۾ هوندي آهي، غلاف ڪعبه يعني قسوه لاءِ نهايت عمده، نفيس ۽ اعليٰ معيار جو ڪپڙو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي ڪشش ۽ پختگي سبب اکين کي وڻندڙ آهي، عام طور تي غلاف ڪعبه هر سال 9 ذي الحق تي تبديل ڪيو ويندو هيو، جڏهن ته گذريل سال کان ان معمول ۾ تبديلي آڻيندي پهرين محرم الحرام تي غلاف ڪعبه تبديل ڪيو ويو هيو ۽ هن سال به ان روايت کي برقرار رکيو ويو، غلاف ڪعبه جي تبديلي جي تقريب جي سڪيورٽي انتظامن کي به آخري شڪل ڏني وئي آهي.